اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

سماجي تنظيم پيغام پاران عالمي سياحت جي ڏينهن تي ڊائلاگ پروگرام

سنڌي خبرون 27th Sep 2026 3 مناظر
سماجي تنظيم پيغام پاران عالمي سياحت جي ڏينهن تي ڊائلاگ پروگرام

ٺٽي جي سياحتي ماڳن کي عالمي معيار جون سهولتون ۽ تحفظ ڏيڻ جو مطالبو

ٺٽو (محمد عمر شفيق ڀٽي)سماجي تنظيم پيغام پاران عالمي سياحت جي ڏينهن جي موقعي تي ٺٽي ۾ ڊائلاگ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ٺٽي جي تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي سياحتي ماڳن کي ترقي ڏيڻ، سياحن لاءِ سيڪيورٽي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ، مقامي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ سياحت کي ضلعي جي معاشي ترقي جو اهم ذريعو بڻائڻ تي زور ڏنو ويو. پروگرام ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ٺٽو خدا بخش بهراڻي مک مهمان، جڏهن ته وحدت نيٽ ورڪ جي اڳواڻ ۽ سنڌ سجاڳ تنظيم جي صدر ابراهيم هيجب خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ پيغام جي سرپرست اعلى بلاول سمون، صدر محمد اسماعيل سمون، جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي، عبيدالله جماري، ممتاز علي سميجو، مڪيش ديو، ثناءُ الله سمون، مختيار جان چانڊيو، دادا اقبال ڪنڀار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مک مهمان خدا بخش بهراڻي چيو ته 21هين صديءَ ۾ سياحت کي جديد پبلسٽي، ڊجيٽل ميڊيا ۽ بهتر منصوبابندي ذريعي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته سياحت سان مقامي معيشت، ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا وڌي سگهن ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ ڪينجهر تي مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي سان وڏن سياحتي منصوبن جون تجويزون سامهون آيون هيون، جن ۾ ٻيٽن تي ريسٽورنٽس، ڀرپاسي ۾ فيملي پارڪ ۽ ٻين تفريحي سهولتن جا منصوبا شامل هئا، پر اهي عملي صورت اختيار نه ڪري سگهيا. خدا بخش بهراڻي چيو ته ڪينجهر ۽ ڀنڀور جهڙن ماڳن تي ريسٽورنٽ، فيملي پارڪ، گيسٽ هائوس ۽ تفريحي سهولتون پيدا ڪيون وڃن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو وڌيڪ وقت گذارڻ لاءِ اچي سگهن ٿا، جنهن سان ٺٽي ۾ روزگار، ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملي سگهي ٿي.پيغام جي سرپرست اعلى بلاول سمون چيو ته ٺٽي سميت سڄي سنڌ تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي سياحت جي حوالي سان مالا مال آهي، پر انهن ماڳن کي گهربل سهولتون ۽ مناسب منصوبابندي نه ملڻ سبب سياحت جي حقيقي صلاحيت مان فائدو حاصل نه ٿي رهيو آهي.هن چيو ته مڪلي، شاهجهان مسجد، ڀنڀور، ڪينجهر، هاليجي، ڪوهستان، ڪارو جبل ۽ تاريخي قلعن سميت ڪيترن ئي ماڳن کي سياحتي مرڪزن طور ترقي ڏئي سگهجي ٿي، جڏهن ته رني ڪوٽ ۽ ٻين تاريخي ماڳن تي رهائش، ريسٽ هائوسز، هٽس ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي سان سياحن کي راغب ڪري سگهجي ٿو.بلاول سمون چيو ته سياحت جي ترقي سان مقامي ماڻهن لاءِ روزگار، ٽرانسپورٽ ۽ ننڍي ڪاروبار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ حڪومت جي آمدني ۾ پڻ اضافو ٿي سگهي ٿو.هن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت سياحت لاءِ واضح پاليسي، باقاعده پلاننگ ۽ عملي منصوبا جوڙي، جڏهن ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مقامي ۽ ٻاهرين سيڙپڪارن کي سياحتي ماڳن جي ترقي لاءِ موقعا ڏنا وڃن.پيغام جي صدر محمد اسماعيل سمون چيو ته ٺٽي ۾ سياحت لاءِ ماڳن جي ڪا کوٽ ناهي، پر سياحن کي تحفظ، سهولتون ۽ بهتر ماحول فراهم ڪرڻ لازمي آهي.هن مطالبو ڪيو ته سياحتي ماڳن ۽ رستن تي پوليس گشت وڌايو وڃي، ايمرجنسي رسپانس جو مؤثر نظام قائم ڪيو وڃي ۽ سياحن کي مڪمل تحفظ جو احساس ڏياريو وڃي. پيغام جي جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي چيو ته ٺٽو تاريخي ورثي، قديم آثارن، ڍنڍن ۽ قدرتي حسن جي لحاظ کان غيرمعمولي اهميت رکي ٿو، پر سياحت جي ترقي لاءِ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ مقامي آبادي جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.هن چيو ته مڪلي، ڀنڀور، شاهجهان مسجد، ڪينجهر ۽ هاليجي سميت سياحتي ماڳن تي صاف پاڻي، واش رومز، پارڪنگ، روشني، صفائي، ويهڻ جون جايون ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ سان سياحن لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪري سگهجي ٿو.هن چيو ته سياحتي ماڳن تي مقامي دستڪاري ۽ ثقافتي شين جون مارڪيٽون قائم ڪرڻ سان مقامي هنر کي هٿي ۽ ماڻهن کي آمدني جا موقعا ملي سگهن ٿا.ان کانسواءِ عبيدالله جماري ، ممتاز علي سميجو، محمد ابراهيم ھيجب، صوفي حسين علي، مڪيش ديو ۽ ٻين پڻ پنھجي خيالن جو اظهار ڪيو.پروگرام جي آخر ۾ تنظيم جي جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي پاران پيش ڪيل قراردادون شرڪت ڪندڙن جي تائيد سان منظور ڪيون ويون، جن ۾:1. سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه پاران هر سال عالمي سياحت جو ڏينهن سرڪاري سرپرستي ۽ NGOs ۽ سول سوسائٽي جي سهڪار سان ملهائڻ.2. مڪلي، ڀنڀور، شاهجهان مسجد، ڪينجهر، هاليجي ۽ سامونڊي پٽي کي گڏيل سياحتي سگهه طور ترقي ڏيڻ.3. سياحتي ماڳن ۽ رستن تي مؤثر سيڪيورٽي، پوليس گشت ۽ ايمرجنسي رسپانس جو نظام قائم ڪرڻ.4. صاف پاڻي، واش رومز، پارڪنگ، روشني، صفائي ۽ ويهڻ جون سهولتون فراهم ڪرڻ5. ڪينجهر ۽ هاليجي جي پاڻي، قدرتي ماحول ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ لاءِ مستقل منصوبا جوڙڻ، جڏهن ته برڊ واچنگ، فوٽوگرافي ايريا ۽ واچ ٽاورز قائم ڪرڻ.6. مقامي نوجوانن کي سياحتي خدمتن جي تربيت ڏئي روزگار فراهم ڪرڻ ۽ مقامي دستڪاري لاءِ ڪلچرل ۽ هينڊي ڪرافٽس مارڪيٽون قائم ڪرڻ.7. سياحتي ماڳن تي صفائي، پلاسٽڪ جي روڪٿام ۽ ڪچري جي مناسب انتظام لاءِ مستقل نظام قائم ڪرڻ.8. ٺٽي جي سياحتي ماڳن کي ڊجيٽل ميڊيا ۽ سياحتي مهم ذريعي ملڪي ۽ عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ.9. ضلعي انتظاميه، سياحت، ثقافت، آثار قديمه، وائلڊ لائيف، NGOs ۽ سول سوسائٽي تي مشتمل ڊسٽرڪٽ ٽورزم فورم قائم ڪرڻ.10. عالمي سياحت جي ڏينهن تي رڳو تقريبون ڪرڻ بدران هر سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ نئون عملي سياحتي منصوبو شروع ڪرڻ، جنهن جو فائدو سياحن سان گڏ مقامي آبادي کي پڻ ملي.پروگرام جي پڄاڻي تي منتظمين چيو ته ٺٽي جي سياحتي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ، تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙي سماجي گفتگو ۽ عملي جدوجهد جو سلسلو جاري رکيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ