بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي عدالت قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي

سنڌي خبرون 17th Jul 2023 43 مناظر

مقتول ۽ سندس ڀائرن ڇوڪريءَ کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي،

ڪراچي: ايڊيشنل سيشن جج اولھ شهري جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن محمد ارسلان ۽ عامر سجاد جي ضمانت منظور ڪري ورتي سرڪاري وڪيل موجب ٻنهي جوابدارن تي ماجد کي جهيڙي ۾ قتل ڪرڻ جو الزام آهي، جوابدارن خلاف اتحاد ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ نامزد جوابدار جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آھن جوابدارن جي وڪيل موجب قتل واري ڏينھن جوابدار واقعي واري جاءِ تي موجود نه هئا، مقتول جوابدارن جي ڀيڻ شمائله جو زبردستي رشتو گهري رهيو هو. جوابدارن مقتول کي رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي مقتول پنھنجي ساٿين سميت جوابدارن جي گهر تي حملو ڪيو، مقتول ۽ سندس ڀائرن ڇوڪريءَ کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ