بدھ، 30 ستمبر 2026
بریکنگ

اياز لطيف پليجي بجلي جي اگھن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو، فيصلو واپس وٺڻ جي گهُر

سنڌي خبرون 26th Jul 2023 49 مناظر

بجلي جا وڌايل اگھ واپس ڪيا وڃن، بجلي جي چوري ۽ لائين لاسز کي ختم ڪيو وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي بجلي جي اگھن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آھي تہ بجلي جا وڌايل اگھ واپس ڪيا وڃن. بجلي جي چوري ۽ لائين لاسز کي ختم ڪيو وڃي. بجلي ايتري سستي ڪئي وڃي جو ڪنھن کي چوري ڪرڻ جي ضرورت ئي نہ پئي. بجلي چوري ۾ خود بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپنين جا ملازم شامل آھن. حصو ملڻ جي ڪري عملدار بہ شامل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت صحت جون سھولتون معياري ڪرڻ بدران روزانو دوائون مھانگيون ڪري ڇڏيو ٿي. ھڪ ڀيرو ٻيهر زندگي بچائيندڙ 200 دوائن جون قيمتون وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. دوائن جي قيمت وڌائڻ جو مطلب غريب عوام کان صحت جون سھولتون ڦرڻ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ جعلي دوائن جي ڪري زندگيون ضايع ٿي رھيون آھن. حڪمران طبقو ۽ امير ماڻھو ٻاھرين ملڪن مان علاج ڪرائين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي غريب عوام جي زندگي مشڪل ڪري ڇڏي آھي. پ پ حڪومت جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري اٽي جو اگھ آسمان کي پھچي ويو آھي، جنھنڪري خودڪشين جا واقعا وڌي رھيا آھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ