منگل، 29 ستمبر 2026
بریکنگ

دادو ٽيڪنيڪل پائلٽ اسڪول جي پراڻي عمارت جو لکين روپين جو سامان گم

سنڌي خبرون 04th Apr 2023 102 مناظر

پائلٽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر اعجاز لاشاري چوري جو الزام علائقي واسين تي مڙهي ڇڏيو

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) دادو ٽيڪنيڪل پائيلٽ اسڪول جي پراڻي عمارت مان لکين روپين جو سامان گم، ھيڊ ماستر الزام علائقي واسين مٿان مڙھي ڇڏيو، دادو اتظاميہ ۽ پوليس کي گمراھ ڪندڙ گورنمينٽ پائلٽ جي ٽيڪنيڪل ڪلاسن مان لکين روپين جو قيمتي سامان غائب ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي مزدورآباد جي علائقي واسين مظفر، عاشق، سڪندر ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو تہ ڪجهه ڏينهن اڳ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر اعجاز لاشاري ٽيڪنيڪل ڪلاسن ۾ شاگردن جو قيمتي ۽ قديمي سامان غائب ڪري ميگا ڪرپشن ڪئي آهي علائقي واسين ٻڌايو تہ ٽيڪنيڪل ڪلاس زبون هجڻ ڪري علائقي جا معصوم ٻار راند کيڏي رهيا هيا تہ اچانڪ ڇت ڪرڻ جو ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ٽي معصوم ٻارڙا معجزاڻي طور معمولي زخمي ٿيا ھيا علائقي واسين ملبي ھيٺان آيل معصوم ٻارڙن مٿان قرآن شريف جو ورد ڪندي پنهنجي مدد پاڻ معجزاني طور تي 3 ٻارڙن کي ڪڍيو ويو ۽ زخمي معصوم ٻارن کي سول اسپتال دادو ۾ پهچايو ويو جتي ٽريٽمينٽ ڪري مائٽن حوالي ڪيا عيا علائقي واسين ٻڌايو تہ هر وقت اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي ، ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ، ايس ايڇ او اشفاق منگي ، تعلقہ ايڊمنسٽريشن ميونسپل دادو جاويد راهپوٽو جي بروقت پهچڻ وقت زبون حال واري ڪلاسن کي ڪيرايو ويو جنهن جون ڀتيون موجود رهيون جنهن کانپوءِ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ ڀتيون ڊاهڻ لڳا علائقي واسين جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارڙا راند کيڏڻ کان نٿا مڙن جنهن ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿي سگهي ٿو مزدورآباد جو رهواسين شاهنواز ابڙو ميڊيا کي ٻڌايو ته زبون حال ڪلاسن جو اسين باربار هيڊ ماستر اعجاز لاشاري ۽ تعليم جي عملدارن کي شڪايت ڪندا رهياسين جنهن کي ڪلاس ۾ پهچڻ سميت قيمتي سامان ۽ ٽيڪنيڪل مشينون گورنمينٽ ۾ جمع ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي پراپرٽي سمجهي وڪرو ڪري ڇڏيو ۽ رات جي وقت هيڊ ماستر اعجاز لاشاري سرن جون ٽراليون ۽ لوھ سميت ٻيو قيمتي سامان کڻائي ويو علائقي واسين پاران اعتراض ڪيو ته شاگردن جو قيمتي سامان گورنمينٽ ۾ جمع ڪرايو وڃي هيڊر ماستر اعجاز لآشاري چيو تہ هي پائلٽ اسڪول جي پراپرٽي آهي مان اسڪول جو هيڊ ماستر آهيان منهنجي مرضي آهي ۽ مونکي ڪير بہ چوڻ وارو نہ آهي اهڙي اطلاع ملڻ تي انتظاميہ کي اکين ۾ مرچ وجهندي ھڪ ڪوڙو ليٽر ٺاهي انتظاميہ کي ڏنو ويو آهي ۽ ڪروڙين روپين جو قيمتي سامان ڦٻائيندڙ هيڊ ماستر اعجاز لاشاري ۽ سندس جا ساٿي ناني ويڙھو ڪري هڙپ ڪري ڇڏيو علائقي واسين تعليم جي وزير، سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ اعلي عملدارن کان شفاف انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ اعجاز لاشاري خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ڪروڙين روپين جو سامان واپس ڪرائي شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ