اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

معصوم ٻارڙن سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي: صنعان خان قريشي

سنڌي خبرون 04th Sep 2023 327 مناظر

جسقم چيئرمين مغوين جي بازيابي لاءِ سڀاڻي سموري سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪشمور(رپورٽ: دلبر جاني) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي معصوم ٻارڙن سميت شھرين جي اغوا وارداتن خلاف سڀاڻي کان پوري سنڌ ۾ جسقم طرفان احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ناهي ڳوٺن ۾ روڊ رستن جي سھولت ناهي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ناهي غريب سنڌ واسي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن ڪشمور ضلعي جي عوام کي بدامني جي باھ ۾ ڌڪيو ويو آهي، پوليس ڌاڙيلن سان ٻٽ بڻيل آهي پوليس ٻنهي پاسن کان مغوين جي نالي تي رشوت وٺي ٿي شھري گھرن ۾ به محفوظ ناھن ھندو پنچائت کي سنڌ مان لڏائڻ لاءِ بدامني ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي پر سنڌ جي ھندو برادري اسان جي سنڌ جا وارث آهن اغوا ڪارن کي ڪشمور جي شعور ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پوليس ۽ ڌاڙيلن جو ھاڻي وڌيڪ ڪاروبار نه ھلندو پنهنجي حق لاءِ وڙھنداسين، صنعان خان قريشي جو ڌرڻي کي خطاب،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ