گڏاپ ۾ مال جي واپارين کان لکين روپين جي ڦر، سهتاڻي اسٽاپ وٽ ڌرڻو
هٿياربند سرعام مال جي واپارين کان چار لک روپين جي ڦر ڪري ويا، پوليس نه پهتي: مظاهرين
گڏاپ(رپورٽ محمد علي خاصخيلي)گڏاپ ٿاڻي جي حد ۾ مال جي واپارين کان چار لک روپين جي ڦر. اطلاع باوجود پوليس نه پھتي. واپارين جو پوليس خلاف سھتاڻي اسٽاپ وٽ احتجاج. ڌرڻو. گڏاپ ۽ نادرن باءِ پاس ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان حوالي سان مال جي واپارين دوست مري. احمد سھتاڻي. ھارون سھتاڻي. ڏنو سھتاڻي. حاجي بشير سھتاڻي. شفيع. رضو سھتاڻي. حاجي عمر سھتاڻي. محمد رحيم سھتاڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيوته گڏاپ پوليس امن امان بحال ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. روزانو ڦر جي وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. پر پوليس ڪک ڀڃين ٻيڻو ناھي ڪيو. ھنن چيو ته پوليس عزادار ماڻھن کي بلاوجہ تنگ ڪري ٿي. انھن کي ڄاڻي واڻي چيڪ پئي ڪري پر ڏوھاري سرعام ڦر ڪري پوليس اھلڪارن اڳيان گزري وڃن ٿا پر انھن کي روڪي به نٿي. ھنن الزام پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته گڏاپ پوليس ڏوھارين سان مليل آهي. ٻي طرف ڳوٺ جي وڏيرن عبدالقادر گبول. حاجي بشير سھتاڻي. احمد گبول سان ڳالھين لاءِ ايس ايڇ او گڏاپ پھچي کين يقين ڏياريو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف جلد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ھنن علائقن ۾ پوليس جو گشت پڻ وڌايو ويندو. عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ڏوھارين جو گھيرو تنگ ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. جنھن کانپوء مظاهرين چيو ته ايس ايڇ او گڏاپ سان ڳالھيون ڪامياب ويون آھن جنھن اسان کي جلد ملوث ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جي يقين ڏياريو آهي. جنھن کانپوء اسين پنھنجو پر امن ڌرڻو ختم ڪري رھيا آھيون