بدھ، 30 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ۾ ڳوٺاڻن جو سيهڙ پوليس ۽ وياج خورن خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 23rd Jul 2023 120 مناظر

سيهڙ پوليس وياج خورن جي چوڻ تي تنگ ڪري رهي آهي: مظاهرين

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ ڳوٺاڻن جو سيهڙ پوليس ۽ وياج خورن خلاف احتجاج، ڏوڪري ۾ ڳوٺ سهيڙ جي رهواسين محمد ابراهيم سومرو، عديل سومرو، قادر بخش سومرو سيهڙ پوليس ۽ وياج خورن خلاف پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيهڙ پوليس بااثر وياج خور جي چوڻ تي چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪندي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان کي حراسان ڪري رهي آهي ٻي گناھ ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هنن چيو ته اسان غريب مسڪين پورهيو ڪري گهر جو گذر سفر ڪندا آهيون پوليس جي حراسان ڪرڻ سبب پورهيو به ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير سيهڙ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ