اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

جيئي سنڌ محاذ ڪراچي پاران گارمينٽس فيڪٽري آڏو 18 ڊسمبر تي ڌرڻي جو اعلان

سنڌي خبرون 18th Nov 2025 445 مناظر
جيئي سنڌ محاذ ڪراچي پاران گارمينٽس فيڪٽري آڏو 18 ڊسمبر تي ڌرڻي جو اعلان

قاسم گارمينٽس فيڪٽري انتظاميه سنڌي پورهيتن سان ناانصافيون ڪري رهي آهي: ضمير حاجاڻو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جيئي سنڌ محاذ ڪراچي جي آرگنائزر ضمير حاجاڻو، ملير جي صدر فيض هيسباڻي ۽ ٻين اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌي پورهيتن سان ناانصافيون ۽ سندن استحصال ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو۔ اڳواڻن اعلان ڪيو ته ملير جي قاسم گارمينٽس فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پڪن سنڌي پورهيتن کي مبينه طور ڪچي ملازم ۾ رکي استحصال ڪرڻ خلاف 18 ڊسمبر تي فيڪٽري جي مک هگيٽ اڳيان وڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪن شرڪت ڪندا هنن پريس ڪانفرنس دوران مطالبو ڪيو ته رتو ديرو ۾ بي گناهه قتل ڪيل معصوم حسنين حاجاڻو جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ مقتول جي وارثن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي۔ اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ وڌندڙ ظلم، ناانصافين ۽ مظلومن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف خاموشي هاڻي ناممڪن آهي، تنهن ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته فوري قدم کڻي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌي پورهيتن جي حقن لاءِ سندن جدوجهد جاري رهندي، ۽ جيڪڏهن 18 ڊسمبر تائين مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ آئنده لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو۔ هنن چيو ته سنڌي پورهيتن کي برابر حق، روزگار ۾ تحفظ، ۽ استحصال کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري آهي، جنهن لاءِ هو تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪري اڳتي وڌائيندا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ