بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏهرڪي ۾ پيٽرول پمپ ايجنسين تي ايراني تيل وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

سنڌي خبرون 08th Oct 2023 89 مناظر

پوليس خفيه اطلاع تي ريتي روڊ تي ڇاپو ھڻي ايراني تيل سان ڀريل ٽينڪر هٿ ڪري ورتو

ڏهرڪي (نويد چغتائي)ڏهرڪي ۾ پيٽرول پمپ ايجنسين تي غير قانوني طور ايراني تيل وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف پوليس خفيه اطلاع تي ريتي روڊ تي ڇاپو ايراني تيل سان ڀريل ٽينڪر هٿ ڪري ورتو پوليس تيل سان ڀريل ٽينڪر کي پنهنجي تحويل ۾ ڪري ايراني تيل وڪرو ڪندڙ جوبدارن منظور موچي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو مٿس ڪيس داخل گرفتار جوبدار ڪيتري عرصي کان تيل ايجنسين جي مالڪن سان ملي پيٽرول ايجنسن تي ايراني تيل وڪرو ڪندو هو (پوليس)خبر موجب ڏهرڪي ۾ پيٽرول پمپ ايجنسين تي غير قانوني طور ايراني تيل وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد گذريل ڏينهن ڏهرڪي پوليس خفيه اطلاع تي ريتي روڊ تي ڇاپو ايراني تيل سان ڀريل ٽينڪر هٿ ڪري پيٽرول ايجنسن تي ايراني تيل وڪرو ڪندڙ پنو عاقل جي سانگي شهر واسي جوبدارن منظور موچي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو جنهن بعد پوليس گرفتار ڪيل جوبدار مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي پوليس موجب گرفتار جوبدار ڪيتري عرصي کان تيل ايجنسين جي مالڪن سان ملي پيٽرول ايجنسن تي ايراني تيل وڪرو ڪندو هو جنهن بعد پوليس خفيه اطلاع تي ڪاروائي ڪندي 5 هزار ليٽر ايراني تيل سان ڀريل ٽينڪر کي هٿ ڪري هڪ جوبدارن منظور موچي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ