بدھ، 30 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏھرڪي ۾ اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميه خلاف بيواھ عورت جو ٻارڙن سميت احتجاج

سنڌي خبرون 13th Nov 2023 50 مناظر

ڏھرڪي ۾ اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميه خلاف بيواھ عورت جو ٻارڙن سميت احتجاج

ڏھرڪي (رپورٽر) ڏھرڪي ۾ اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميه جي زيادتين خلاف بيواھ عورت جو معصوم ٻارڙن سان گڏجي ڀاڻ فيڪٽري جي گيٽ اڳيان احتجاجي اعلي اختيارين کان نوٽس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ سمندر خان ڀيو واسڻ بيواه عورت مائي نواب خاتون پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏجي اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميه جي زيادتين خلاف ڀاڻ فيڪٽري جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سندس مڙس راڻو ڀيو ڀاڻ فيڪٽري ڏھرڪي ۾ ٽرانسپورٽ جو ٺيڪيدار هو جيڪو ٽي سال اڳ فوت ٿي ويو آهي جنهن جي وفات بعد منهنجا ڏير شوڪت ڀيو، معشوق ڀيو ۽ ٻين ڀاڻ ڪمپني جي ڪجهه آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري سندس مڙس جي ٽرانسپورٽ جو ٺيڪو منهنجي اولاد يا منهنجي نالي ڪرڻ جي بجاءِ منهنجي ڏير شوڪت ڀيو جي نالي ڪري ڇڏيو آهي جيڪا مون سان سراسر ناانصافي آهي هن چيو ٺيڪو ڏيرن حوالي ٿيڻ بعد هو هاڻ گهر هلائڻ لاءِ خرچ پکو به نٿا ڏين جنهن جي سندس معصوم ٻار بکن تي ويٺل آهن هن پنهنجو حق گهرڻ تي سندس مڇرجي ڪجهه ڏينهن اڳ تشدد پڻ ڪري چڪا آهن پر آئون پنهنجي ٻچن جو حق ملڻ تائين خاموش نه وينديس هن اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته ڏيرن ۽ ڀاڻ فيڪٽري جي ڪجهه آفيسرن جي ملي ڀڳت جو نوٽيس وٺي ٽرانسپورٽ جو ٺيڪو منهنجي ڏير جي نالي سان ختم ڪري منهنجي نالي ڪري مون بيواھ سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مان پاڻ کي ڪمپني جي گيٽ آڏو پاڻ باھ ڏئي ڏيندس جنهن جا زميوار سندس ڏير ۽ سندس ملي ڀڳت ڪندڙ ڀاڻ فيڪريٽري جا آفيسر هوندا،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ