جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر پاران سالياني ترقياتي پروگرام تحت ھلندڙ منصوبن جو جائزو

سنڌي خبرون 22nd Sep 2023 401 مناظر

ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ سست رفتاري جي شڪار منصوبن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

سجاول (گلشيرميربحر)ڊپٽي ڪمشنر سجاول پاران سالياني ترقياتي پروگرام تحت ھلندڙ ترقياتي منصوبن جو جائزو , ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ سالياني ترقياتي پروگرام تحت ھلندڙ ڊيول ڪيريج وي ، فروٽ ، سبزي ۽ مڇي مارڪيٽ ، ڊرينج ۽ ٻين منصوبن جو دورو ڪري ڪم جو معائنو ڪيو ۽ تمام صورتحال جو جائزو ورتو - ان موقعي تي ھن سست رفتاري جي شڪار منصوبن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل انجنيئرن ۽ عملدارن کي ھدايت ڪئي ته ھلندڙ منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري معيار سان گڏ جلد مڪمل ڪن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي - ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ، ڪوتاهي ھر گز برداشت نه ڪئي ويندي - ان موقعي تي بلڊنگس ،پبلڪ ھيلٿ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا انجنيئر ۽ عملدار پڻ موجود هئا –
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ