جي يو آءِ سجاول جي مجلس عامله ۽ تعلقن جي اميرن ۽ ناظم عمومي جو اجلاس
ايندڙعام چونڊن ۾ جى يوآئي ضلعي جي سموري تڪن تي ڀرپورحصي وٺڻ جوفيصلو
سجاول (رپورٽر) جمعت علماء اسلام ضلعي سجاول جي مجلس عامله ۽ تعلقن جي اميرن ۽ ناظم عمومي جو گڏيل اجلاس مدرسه هاشميه سجاول ۾ ٿي گذريو جهن جي صدارت ضلعي اميرمولانا محمدصالح الحداد ڪئي اجلاس ۾ فيصلوڪيوويوته ايندڙعام چونڊن ۾ جى يوآئي ضلعي جي سموري تڪن تي بهرپورحصي وٺڻ جوفيصلوڪيوآھي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا محمدصالح الحداد چيوته ضلعي سجاول مان امن جوپکي اڏامي ويوآھي ڏيهن رات ڦرجو آزارآھي انتظاميه مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي نه ڪهن جي جان محفوظ آھي نه ڪهن جومال محفوظ آھي اسان مطالبوٿاڪريوته سجاول ضلعي ۾ ايماندار آفيسرمقررڪيووڃي ته سجاول جي عوام سک جوساھ کڻي هن وڌيڪ چيوته سجاول ضلعو پوڇڙ ۾ هجڻ ڪري يا ته سوڪ يا ته ٻوڏ جو شڪار رهي ٿو هن وقت به آبپاشي کاتي جي نااهلي جي ڪري جاتي ۽شاهبندر۾ پاڻي جي سخت کوٽ آھي ۽ مقامي آبادگار سراپااحتجاج آھن هڪ ته ڀاڻ جي هٿرادي کوٽ جي ڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي اهاحڪومت جي نااهلي آھي اجلاس ۾ مفتي نظيراحمدعمراڻي حافظ فضل الله فياض مولانامحمدانورسومرو مولانا طفيل احمدکٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي