ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

مڪلي: بائي پاس ڀرسان ڪار جو ٽڪر، ماءُ ۽ پٽ فوت

سنڌي خبرون 23rd Jun 2026 287 مناظر
مڪلي: بائي پاس ڀرسان ڪار جو ٽڪر، ماءُ ۽ پٽ فوت
ٺٽو (شفيق ڀٽي)مڪلي بائي پاس ڀرسان ڪيفي نثار هوٽل وٽ مبينا طور نشي ۾ ڌت هڪ ڪار سوار غلام رسول برفت ۽ درگاھ محمد علي شاهه جي رهواسين کي ٽڪر هڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ضامن علي ملاح ۽ سندس امڙ سخت زخمي ٿي پيا واقعي بعد زخمين کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ضامن علي ملاح ۽ سندس امڙ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. جڏهن ته غلام رسول برفت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته وارثن پاران واقعي جي شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ