اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

پڊعيدن واسڻ عورت جو ڀاءُ سان گڏ ڌيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نوشھروفيروز ۾ احتجاج

سنڌي خبرون 07th Sep 2023 340 مناظر

2ھفتا اڳ معصوم نياڻي عشاءَ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، پوليس اھلڪار گرفتار ناھن ٿيا: بلقيس ملڪ

نوشهرو فيروز (ڊر) پڊعيدن جي وارڊ نمبر پنج ۾ ٻہ ھفتا اڳ قتل ڪيل نينگري عشاءَ ملڪ جا جوابدار پوليس اھلڪار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتولا جي ماءُ ۽ مامي پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مقتولا جي امڙ بلقيس ۽ مامي صلاح الدين ملڪ ٻڌايو ته اسان جي نينگري عشاءَ کي بي دردي سان قتل ڪيو آھي جنھن جو ھڪ جوابدار گرفتار ڪيو ويو آھي جڏھن ته باقي جوابدار عبدالله ملڪ ۽ سوڍل ملڪ جيڪي پوليس اھلڪار آھي پر پڊعيدن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي ۽ پڊعيدن پوليس پنھنجي اھلڪارن کي بچائڻ چاھي ٿي. ۽ جوابدار پوليس اھلڪار اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ