جھمپير واسي بيمار پورھيت جو ٻارڙن سميت احتجاج
15سالن کان موذي مرض ۾ مبتلا آھيان: غلام قادر پالاري
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)جهمپير جو رهواسي ۽ غريب مسڪين ٻچڙيوال غلام قادر پالاري گذريل 15 سالن کان موذي مرض سان جنگ وڙهي رهيو آهي، پر غربت ۽ علاج جا ڳرا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نه هجڻ سبب سندس زندگي سخت مشڪلاتن جو شڪار بڻجي وئي آهي.غلام قادر پالاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو ڪيترن ئي سالن کان بيماري ۾ مبتلا آهي، پر مالي وسيلن جي کوٽ سبب مناسب علاج ڪرائي نه سگهيو آهي. هن چيو ته بيماري سبب هو پنهنجي ٻچن لاءِ روزگار ڪرڻ کان به لاچار بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري سندس خاندان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.هن سنڌ حڪومت، صحت کاتي، چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل وسوارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس حالت جو فوري نوٽيس وٺي، سرڪاري فنڊ مان سندس علاج لاءِ مالي سهائتا فراهم ڪئي وڃي ۽ کيس بهتر طبي سهولتون مهيا ڪرايون وڃن.غلام قادر پالاري درد ڀري اپيل ڪندي چيو ته، ”مان هڪ غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهيان، 15 سالن کان بيماري سان وڙهي رهيو آهيان. منهنجي وس ۾ علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ ناهن. مهرباني ڪري منهنجو علاج ڪرايو وڃي ته جيئن مان هن مرض مان جان ڇڏائي پنهنجي ٻچن لاءِ روزي روٽي جو بندوبست ڪري سگهان.“علائقي واسين پڻ سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مستحق مريض غلام قادر پالاري جي علاج لاءِ سرڪاري سطح تي فوري مالي مدد ڪئي وڃي، جيئن سندس زندگي بچائڻ سان گڏ سندس خاندان کي به سهارو ملي سگهي.