جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير ۾ محمود عالم ڄاموٽ ۽ جان عالم ڄاموٽ جي صدارت ۾ گڏجاڻي

سنڌي خبرون 18th May 2026 187 مناظر
ملير ۾ محمود عالم ڄاموٽ ۽ جان عالم ڄاموٽ جي صدارت ۾ گڏجاڻي

v

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير پي ايس 87 جي صدر جان عالم ڄاموٽ جي اڳواڻي ۾ اسڪولن جي ايس ايس بي بجيٽ بابت اهم گڏجاڻي منعقد ٿي، گڏجاڻي دوران ڪيترن ئي هيڊ ماسترن پاران بجيٽ حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو ويو، جنهن تي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به تعليمي اداري سان لاڳاپيل فرد جي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ ثابت ٿيو ته ان خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي ملير جي ڊي او پرائمري مير حسن لاشاري، ٽي او پرائمري غلام حيدر بروهي، ڊي او سيڪنڊري اقبال ميمڻ، ھيڊ ماستر محمد امين ڪلمتي، فوڪل پرسن ايم پي اي مير احمد بروهي ۽ مختلف اسڪولن جي هيڊ ماسترن شرڪت ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ