ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز جو مشهور بيڊمنٽن ۽ ڪرڪيٽ جو رانديگر لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌي خبرون 25th Jun 2023 82 مناظر

سيد ارشاد علي شاهه ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

نوشهرو فيروز(اسپورٽس نيوز)نوشهرو فيروز جو بهترين بيڊمنٽن رانديگر ۽ جواني ۾ ڪرڪيٽ فاسٽ بالر طور مشهوري ماڻيندڙ سيد ارشاد علي شاھ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ھو ڪجهه وقت کان بيمار هو سندس وفات تي، سندس وڏي ڀاءُ جي ڊي اي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سید موج علي شاھ، استاد سيد خادم شاھ، ڪائونسلر سيد محمد علي شاھ، پٽن سید شفقت علي شاھ ۽ سید صداقت علي شاھ، سيد راشد شاه ۽ سيد سردار شاه پاران سندس رهائش گاه سادات هائوس تي تڏو وڇايو ويو آھي جڏهن ته مرحوم جي جنازي سڀاڻي (اڄ) ادا ڪئي ويندي ۽ تدفين درگاه سيد ناگو شاه ۾ ڪئي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ