جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير: شاهه ٽائون، پپري ۽ شاهنواز ڳوٺ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو

سنڌي خبرون 25th Sep 2026 7 مناظر
ملير: شاهه ٽائون، پپري ۽ شاهنواز ڳوٺ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو

شھرين لوڊشيڊنگ خلاف اسٽيل ٽائون کان گلشن حديد ڪي اليڪٽرڪ آفيس تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه ٽائون، پپري، شاهنواز ڳوٺ سميت ملحقه علائقن جي رهواسين پاران بجلي جي اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف اسٽيل ٽائون کان گلشن حديد ڪي اليڪٽرڪ آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ بزرگن، نوجوانن ۽ سوين شهرين شرڪت ڪئي، جن ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن جاويد لالا ۽ ٻين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پاران هٿراڌو ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي سخت مذمت ڪريون ٿا، 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند رهڻ سبب علائقي جا رهواسي سخت اذيت ۽ پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن هنن چيو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب معصوم ٻارڙا ۽ بيمار بزرگ رات جو سک سان ننڊ به نٿا ڪري سگهن، جڏهن ته اسڪول کان واپس ايندڙ ٻار گرمي ۽ بجلي نه هجڻ سبب پڙهائي ڪرڻ بدران ٿڪاوٽ ۾ ٽيبلن تي سمهي پون ٿا. بجلي جي ڊگهي بندش سبب گهرن ۾ پاڻي جو مسئلو پڻ پيدا ٿي رهيو آهي ۽ روزمرهه جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي.اڳواڻن چيو ته شهري مسلسل اذيت جو شڪار آهن، پر سندن دانهن ۽ احتجاج ٻڌڻ وارو ڪوبه ناهي. ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي بار بار شڪايتن ۽ احتجاجن باوجود لوڊشيڊنگ جي صورتحال ۾ بهتري نه آئي آهي هنن وڌيڪ چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف هي پهرين مرحلي ۾ گلشن حديد ڪي اليڪٽرڪ آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن مسئلو حل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي مين نيشنل هاءِ وي تي پڻ ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن جي ذميواري ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا تي هوندي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته شاهه ٽائون، پپري، شاهنواز ڳوٺ ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ فوري طور ختم ڪري بجلي جي فراهمي معمول مطابق بحال ڪئي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ