پیر، 28 ستمبر 2026
بریکنگ

سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي جدوجهد...!

آرٽيڪلز/ کالمز 28th Sep 2026 9 مناظر
سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي جدوجهد...!

سعيد سربازي

قومن جي تاريخ ۾ ڪي شخصيتون رڳو ڪنهن سياسي جماعت، هڪ دور يا هڪ زماني تائين محدود ناهن رهنديون، پر انهن جي فڪر، ڪردار ۽ جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ تاريخي حوالي جي حيثيت اختيار ڪري وٺندي آهي. سردار عطاءُ الله خان مينگل به بلوچستان جي سياسي تاريخ جي اهڙي ئي اهم شخصيت هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي بلوچستان جي عوام جي سياسي حقن، قومي سڃاڻپ، جمهوري قدرن ۽ وفاق ۾ وفاقي وحدتن جي اختيارن جي سوال سان جوڙي رکي.
سردار عطاءُ الله خان مينگل 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيائين. 1970ع جي چونڊن کانپوءِ نيشنل عوامي پارٽي بلوچستان ۾ اڪثريت حاصل ڪئي ۽ مئي 1972ع ۾ سردار عطاءُ الله خان مينگل بلوچستان جو پهريون چونڊيل وڏو وزير بڻيو. فيبروري 1973ع ۾ سندس حڪومت برطرف ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي قيادت کي گرفتارين ۽ ڊگهي سياسي توڙي عدالتي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياست جو بنيادي محور بلوچستان جي قومي سڃاڻپ، صوبن جي اختيارن، عوامي نمائندگي ۽ قدرتي وسيلن تي اختيار جو سوال هو، سندس سياسي جدوجهد بلوچستان جي قومي سوال کي ملڪ جي آئيني ۽ وفاقي بحثن سان ڳنڍي ڇڏيو
02 سيپٽمبر 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ سندس لاڏاڻو ٿيو، پر سندس سياسي فڪر اڄ به بلوچستان جي سياسي بحثن ۾ موجود آهي. انهيءَ تاريخي تسلسل ۾ 13 سيپٽمبر 2026ع تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ بلوچستان نيشنل پارٽيءَ پاران سردار عطاءُ الله خان مينگل جي پنجين ورسي ۽ شاهواڻي اسٽيڊيم جي شهيدنِ پهرين ورسيءَ جي موقعي تي تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه سردار اختر جان مينگل ڪئي. تعزيتي ريفرنس ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ سياسي، قومپرست، جمهوري، صحافتي ۽ فڪري شخصيتن شرڪت ڪئي.
ريفَرنس ۾ پشتونخوا ملي عوامي پارٽيءَ جي چيئرمين، تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي سربراهه ۽ ملڪ جي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسد قيصر، پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ راجا اڪرام، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس، سنڌ جي قومپرست اڳواڻن سيد زين شاهه، رياض احمد چانڊيو، شير محمد ۽ ايڊووڪيٽ مظهر علي راهوجو، پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ عليم عادل شيخ، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير، جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي صدر راشد محمود سومرو ۽ قاري محمد عثمان شرڪت ڪئي. بلوچستان مان عوامي نيشنل پارٽيءَ جي صوبائي صدر اصغر اچڪزئي، نيشنل پارٽيءَ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪبير محمد شهي، اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ قومپرست اڳواڻ منظور گچڪي پڻ ريفرنس ۾ شريڪ ٿيا. ان کان علاوه ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، ممتاز دانشور پروفيسر توصيف احمد خان، دانشور ۽ اينڪرپرسن مجاهد بريلوي، بلوچ بزرگ اڳواڻ ۽ قلمڪار محمد علي ٽالپور، الاهي بخش بڪڪ ۽ احمد اقبال بلوچ سميت صحافين، وڪيلن، دانشورن، استادن ۽ سول سوسائٽيءَ جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ريفرنس ۾ مختلف مقررن سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ آئين جي بالادستي، صوبن جي اختيارن، سياسي آزادي، جمهوري نظام، عوامي نمائندگي ۽ بلوچستان جي موجوده سياسي حالتن بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا.
پشتونخوا ملي عوامي پارٽيءَ جي چيئرمين، تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي سربراهه ۽ ملڪ جي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪندي آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي مضبوطي ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ملڪ جي سياسي مسئلن جي حل لاءِ سياسي قوتن وچ ۾ گڏيل مشاورت ۽ گڏيل جدوجهد جي ضرورت تي پڻ ڳالهه ڪئي. اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسد قيصر بلوچستان جي قدرتي وسيلن تي بلوچستان جي عوام جي حق کي اجاگر ڪيو. هن سوئي گئس سميت قدرتي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ فائدن ۾ مقامي عوام جي حصيداري ۽ حقن جي اهميت تي ڳالهه ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ راجا اڪرام آئيني حقن، سياسي آزادي ۽ صوبن جي اختيارن بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا، جڏهن ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي زور ڏيندي سياسي مسئلن جي حل لاءِ جمهوري ۽ آئيني رستو اختيار ڪرڻ جي ضرورت بيان ڪئي. سنڌ جي قومپرست اڳواڻن سيد زين شاهه، رياض احمد چانڊيو، شير محمد ۽ ايڊووڪيٽ مظهر علي راهو سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي. سندن ڳالهين ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا سياسي حق، صوبائي خودمختياري ۽ وفاقي نظام ۾ وحدتن جي اختيارن جهڙا موضوع نمايان رهيا.
پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ عليم عادل شيخ بلوچستان جي سياسي صورتحال ۽ عوامي حقن بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا، جڏهن ته سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي خدمتن ۽ جمهوري جدوجهد کي ياد ڪيو. جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي صدر راشد محمود سومرو ۽ قاري محمد عثمان سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪندي بلوچستان جي عوام سان سياسي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. عوامي نيشنل پارٽي بلوچستان جي صوبائي صدر اصغر اچڪزئي پڻ سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي جدوجهد کي ياد ڪيو ۽ بلوچستان جي سياسي حقن ۽ جمهوري سياست بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا.نيشنل پارٽيءَ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪبير محمد، سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪندي بلوچستان جي مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ قومپرست اڳواڻ منظور گچڪي سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي خدمتن کي ياد ڪندي بلوچستان جي عوام جي سياسي حقن ۽ قومي سوال بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي پريس ڪلب جي تاريخي حيثيت ۽ اظهار جي آزاديءَ لاءِ ان جي ڪردار جو ذڪر ڪيو. ممتاز دانشور پروفيسر توصيف احمد خان سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي فڪر، تاريخ ۽ قومي جدوجهد بابت خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته دانشور ۽ اينڪرپرسن مجاهد بريلوي پڻ سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي خدمتن ۽ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
بلوچ بزرگ اڳواڻ ۽ قلمڪار محمد علي ٽالپور سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي جدوجهد ۽ بلوچستان جي قومي سوال جي مختلف پاسن تي روشني وڌي. هن بلوچستان جي سياسي تاريخ ۾ سردار عطاءُ الله خان مينگل جي ڪردار ۽ سندس سياسي فڪر جي اهميت تي ڳالهائيندي موجوده سياسي حالتن، عوامي حقن ۽ سياسي جدوجهد بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. الاهي بخش بڪڪ ۽ احمد اقبال بلوچ پڻ ريفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي زندگي، جدوجهد ۽ بلوچستان جي عوام جي حقن بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي رؤف مينگل تعزيتي ريفرنس ۾ قرارداد پيش ڪئي، جنهن جي شرڪت ڪندڙن ڀرپور تائيد ڪئي. قرارداد ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي انساني حقن جي ادارن کان مطالبو ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ طاقت جي استعمال جو خاتمو آندو وڃي، سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، جن ۾ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي قيادت، پي ٽي ايم جي علي وزير ۽ انساني حقن جي علمبردار ايڊووڪيٽ ايمان زينب مزاري ۽ سندس مڙس، جڏهن ته بلوچستان جي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميت ٻين سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. ان سان گڏ لاپتا ماڻهن جي بازيابي، سرحدي علائقن ۾ واپار جي بحالي ۽ منرل ايڪٽ واپس وٺڻ جا مطالبا پڻ شامل هئا. مقررن سياسي مسئلن کي طاقت بدران ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ، آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي ڪردار ۽ صوبن جي حقن جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏنو. ريفرنس جي پڄاڻيءَ تي بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه سردار اختر جان مينگل خطاب ڪيو. سندس تقرير ۾ سندس والد سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي زندگي، جدوجهد ۽ سياسي ورثي سان گڏ
بلوچستان جي موجوده حالتن، سياسي آزادي، اظهار جي آزادي، جبري گمشدگين ۽ سياسي ڪارڪنن جي مسئلن بابت پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ويو. سردار اختر جان مينگل چيو ته سردار عطاءُ الله خان مينگل پنهنجي سڄي زندگي بلوچ ۽ بلوچستان لاءِ وقف ڪئي، پر اڄ سندس ورسي به پنهنجي وطن ۾ آزاديءَ سان ملهائڻ آسان ناهي. هن هن صورتحال کي هڪ الميي طور بيان ڪيو. هن پنهنجي والد جي سياست ۾ اچڻ واري شروعاتي دور جو ذڪر ڪندي سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي زندگيءَ کي بلوچستان جي حقن ۽ جمهوري جدوجهد جي تاريخي تسلسل طور بيان ڪيو.
سردار اختر جان مينگل بلوچستان ۾ سياسي اجتماعن، اظهارِ راءِ، صحافت ۽ سياسي ڪارڪنن جي سرگرمين تي لاڳو پابندين بابت پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته سياسي جماعتن جمهوري ۽ پارلياماني رستي سان پنهنجو مؤقف پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر بلوچستان ۾ سياسي اظهار ۽ سياسي سرگرمين جي حوالي سان مشڪلاتون اڃا تائين برقرار آهن.هن ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، ايڊووڪيٽ ايمان زينب مزاري، هادي علي چٺا ۽ ٻين سياسي ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي معاملن جو حوالو ڏيندي بلوچستان ۾ سياسي گرفتارين ۽ جبري گمشدگين جي مسئلي بابت سوال اٿاريا. هن شاهواڻي اسٽيڊيم جي سانحي جو ذڪر ڪندي واقعي جي جاچ ۽ جوابدهيءَ بابت پڻ سوال اٿاريا. سندس تقرير ۾ اهو مؤقف نمايان هو ته بلوچستان ۾ انساني جانين جي زيان، سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ عوامي حقن سان لاڳاپيل مسئلن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سردار اختر جان مينگل موجوده سياسي نظام، پارليامينٽ، سياسي نمائندگي ۽ صوبائي حقن بابت پڻ پنهنجا خيال پيش ڪيا. هن نون صوبن جي قيام بابت تجويزن جي مخالفت ڪئي ۽ ان معاملي کي بلوچستان سميت موجوده صوبائي وحدتن جي تاريخي ۽ سياسي پسمنظر سان جوڙيو.
سندس تقرير جو هڪ اهم پاسو اهو هو ته هن سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي ورثي کي محض خانداني ورثي طور پيش ڪرڻ بدران ان کي بلوچ عوام جي سياسي حقن، صوبن جي اختيارن، جمهوري جدوجهد ۽ قومي سوال سان ڳنڍيو. سردار اختر جان مينگل پنهنجي والد، پنهنجي سياسي رهبر ۽ بلوچستان جي سياسي تاريخ جي هڪ اهم شخصيت کي ياد ڪندي ماضيءَ کي حال سان ڳنڍيو.
سردار عطاءُ الله خان مينگل جي پنجين ورسيءَ جو هي اجتماع ان لحاظ کان پڻ اهم هو ته هتي هڪ سياسي اڳواڻ جي ياد سان گڏ انهن سوالن تي به خيالن جو اظهار ڪيو ويو، جيڪي اڄ به بلوچستان سميت ملڪ کي درپيش آهن. انهن سوالن ۾ آئين جي بالادستي، جمهوري سياست، صوبن جا اختيار، سياسي آزادي، عوامي نمائندگي، وسيلن تي اختيار ۽ وفاقي وحدتن وچ ۾ اختيارن جو توازن شامل آهن. تاريخ رڳو گذري ويل واقعن جو نالو ناهي؛ تاريخ انهن سوالن جو نالو پڻ آهي، جيڪي هڪ نسل کان ٻي نسل تائين منتقل ٿيندا رهن ٿا. سردار عطاءُ الله خان مينگل جي سياسي زندگي به اهڙن ئي سوالن جي هڪ ڊگهي داستان آهي، ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل هي ريفرنس انهن سوالن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي مڪالمي جي مرڪز ۾ آڻي ڇڏيو. سردار اختر جان مينگل قومي اڳواڻن جي آمد، ڪراچيءَ جي صحافين جي شرڪت ۽ ريفرنس جي انتظامي معاملن ۾ سهڪار ڪرڻ تي پارٽي اڳواڻن جا پڻ ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پارٽيءَ جي مرڪزي نائب صدر ساجد ترين ايڊووڪيٽ، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مملڪ نصير شاهواڻي، اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر آغا حسن بلوچ، اڳوڻي صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر اختر حسين لانگو، اڳوڻي صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر ثنا بلوچ، اڳوڻي صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر اڪبر مينگل ۽ اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر رؤف مينگل مهمانن جو استقبال ڪيو. بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جا ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي ساڻن گڏ موجود هئا. ريفَرنس جا ملڪ گير سطح تي پري رس اثر به سامهون آيا. سياسي قيادت جي متحرڪ ٿيڻ ۽ بين الاقوامي ادارن پاران ملڪ جي سياسي، آئيني ۽ معاشي صورتحال بابت ڳڻتيءَ جي اظهار جي پسمنظر ۾ ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن سبب هڪ نئين سياسي تحريڪ جي امڪانن بابت بحث وڌيڪ نمايان ٿيڻ لڳو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ