سنڌ جي وڏن شھرن جي ڀيٽ ۾ ضلعن جي پريس ڪلبن کي گرانٽ گھٽ ملي ٿي: ايم پي اي ھير سوھو
سجاول (رپورٽر) ايم پي اي ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان ھير اسماعيل سوھو گذريل ڏينھن نيشنل پريس ڪلب سجاول جو دورو ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان هير سوهو نيشنل پريس ڪلب سجاول جو دورو ڪيو، جتي پريس ڪلب جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ ۽ صحافين پاران سندس آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي هير سوهو چيو تہ حق کي حق نہ چئجي، مسئلن کي اجاگر نہ ڪجي ۽ صحافي سياست کان متاثر ٿين تہ اها صحافت ناهي. ھن چيو تہ صحافي هميشہ بهادر ۽ بي ڊپا رهيا آهن، پر هاڻي صحافت ۾ اها کوٽ نظر اچي رهي آهي. هن چيو تہ جيئن سياستدانن يا بيوروڪريٽس مان ڪنهن هڪ جي ڪرپشن جو الزام پوري طبقي تي لڳي ٿو، تيئن صحافت ۾ بہ ڪجھ ماڻهن جي غلت عمل سبب سموري صحافتي برادري متاثر ٿئي ٿي. هن چيو تہ سجاول ضلعو نئون ٺهيو آهي، پر اسان سڀني جي نااهلي آهي تہ اڃان تائين ضلعي جو گهربل انفراسٽرڪچر تعمير نہ ٿي سگهيو آهي، اهو سچ اسان کي مڃڻو پوندو. ان لاءِ چونڊيل نمائندن سان گڏ صحافين کي بہ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هير سوهو چيو تہ سنڌ جي ضلعي سطح جي پريس ڪلبن کي گرانٽ جي حوالي سان نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. وڏن شهرن جي پريس ڪلبن کي ڪروڙين روپين جون گرانٽون ملن ٿيون، جڏهن تہ ضلعي جي پريس ڪلبن کي لکين رپيا ڏئي جان ڇڏائڻ مناسب ناهي ۽ اهو اسان لاءِ شرمندگي جو سبب آهي. هن چيو تہ نيشنل پريس ڪلب سجاول جي تعمير ۽ مرمت لاءِ جيڪي ضرورتون آهن، انهن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اميد آهي تہ صحافي شفاف صحافت ڪندا ۽ جتي اسان جون ڪوتاهيون هجن، اتي اسان جي نشاندهي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو تہ هن وقت جڏهن رڳو منفي ڳالهيون هاءِ لائيٽ ٿين ٿيون، اتي نيشنل پريس ڪلب سجاول جو ڪردار ساراھ جوڳو آهي، ڇاڪاڻ تہ هتان جي صحافين مسئلن ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي سان گڏ علائقي جون هاڪاري سرگرميون ۽ سٺيون شيون بہ اجاگر ڪيون آهن. هير سوهو چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪوشش آهي تہ عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ تہ عوام اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي ووٽ ڏئي ٿو. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب سجاول جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ ۽ ٻين صحافين امام ڏنو رانٽو، نديم ميمڻ، رياض ميمڻ، فقير اسماعيل کتري، خالد طاھراڻي، عتيق الرحمان کتري، شھباز حسن، گلشير ميربحر، عبدالرشيد خاصخيلي، فھيم گل ڀان، وزير جان ڪنڊرا، زبير ميمڻ ۽ وفا بابو پٺاڻ پاران ايم پي اي هير سوهو کي ڀليڪار ڪندي پريس ڪلب جي مسئلن ۽ ضرورتن کان پڻ آگاھ ڪيو ويو ۽ کيس لنگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.