پیر، 28 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهرو فيروز ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لياقت علي لنڊ جي صدارت هيٺ اجلاس

سنڌي خبرون 12th Nov 2024 283 مناظر
نوشهرو فيروز ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لياقت علي لنڊ جي صدارت هيٺ اجلاس

عدالتي حڪمن جي روشني ۾ ضلعي جي وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽوائلٽس جي تعمير بابت غور ويچار

نوشهرو فيروز (ڊر) عدالتي حڪمن جي روشني ۾ نوشهروفيروز ضلعي جي وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽوائلٽس جي تعمير جي سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لياقت علي لنڊ جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي جي سمورن سرڪاري کاتن جي ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته عدالتي حڪمن جي روشنيءَ ۾ عوام جي سهولت لاءِ بس اسٽاپ، سمورين ننڍين وڏين مارڪيٽن ۽ ٻين هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس ٺاهيا پيا وڃن سمورن کاتن جي آفيسن ۾ صفائي سٿرائي سان گڏ واش رومز جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل تعلقن ۾ هنڌن جي نشاندهي ڪن ۽ لسٽون ڊپٽي ڪمشنر آفيس کي فراهم ڪيون وڃن. جڏھن تہ اڳ ۾ ئي فنڊز مختص ڪيا ويا آهن. جتي پبلڪ ٽرائليٽ اڳ ۾ ئي موجود آهن، انهن کي فعال رکڻ گهرجي. هن اها به هدايت ڪئي ته هاءِ ويز تي واقع هوٽلن ۽ پيٽرول پمپن تي واش رومز استعمال ڪرڻ لاءِ چارجز وصول ڪرڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن. اهڙن هوٽلن ۽ پيٽرول پمپن جي مالڪن کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته اهي واش استعمال ڪندڙن کان فوري طور تي وصولي ڪرڻ بند ڪن. هن چيو ته شهرن ۾ ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽين طرفان پلاٽ فراهم ڪيا وڃن ۽ واش رومز جي تعمير کان پوءِ ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽين طرفان صفائي، پاڻي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ