جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ معذور ڪوٽا جي حوالي سان گڏجاڻي

سنڌي خبرون 16th Oct 2024 298 مناظر
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ  جي صدارت ھيٺ معذور ڪوٽا جي حوالي سان گڏجاڻي

ڊي سي سکر ھاء ڪورٽ پاران آيل فيصلي تي عملدرآمد ڪرائيندي مختلف کاتن جا معذور ڪوٽا تحت 4آرڊر ورهايا

عمرڪوٽ (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ معذور ڪوٽا جي حوالي سان سندس آفيس ۾ ھڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ پاران سکر ھاء ڪورٽ ۾ معذور ڪوٽا جي حوالي سان داخل ڪيل ھڪ پٽيشن جي آيل فيصلي تي عملدرآمد ڪرائيندي ضلعي عمرڪوٽ ۾ حڪومت سنڌ جي مختلف کاتن جا معذور ڪوٽا تحت ڪل چار آرڊر تقسيم ڪيا ويا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ سکر ھاء ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ معذور ڪوٽا تحت عمرڪوٽ ضلعي ۾ مختلف کاتن جنھن ۾ تعليم، صحت ۽ ٻين کاتن جا چار آرڊر معذورن کي ڏنا ويا آهن، ھن وڌيڪ چيو تہ جن نوجوانن ھڪ اسڪيل کان چار اسڪيل لاءِ درخواستون ڏنيون ھيون، انھن جا جلد حڪومت سنڌ جي اجازت کانپوءِ پڻ آرڊر ڏنا ويندا، ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري، سيڪشن آفيسر ايس اينڊ جي ڊي ڪراچي امجد حسين پيرزاده، ڊپٽي ڊائريڪٽر آر سي پي ايڇ ميرپورخاص سرور علي سومرو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اعظم کوسو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، تعليم کاتي جي آفيسرن سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ