اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

جهرڪ وٽ دريائن جي عالمي ڏينهن تي گلن جي ورکا سان سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش

سنڌي خبرون 27th Sep 2026 5 مناظر
جهرڪ وٽ دريائن جي عالمي ڏينهن تي گلن جي ورکا سان سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش

جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران جهرڪ پل وٽ سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ٺٽو(ڊر) دريائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران جهرڪ پل وٽ سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. پارٽي چيئرمين نواز خان زئور، وڪيل خاصخيلي، قادر بخش زئور، وقار ميراڻي، محمد صديق انصاري، شڪيل خاصخيلي ۽ سراج رسول جي اڳواڻيءَ ۾ آغا خان پل کان جهرڪ پتڻ تائين ريلي ڪڍي وئي.ريلي کانپوءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن درياهه جي پيٽ ۾ لهي سنڌوءَ تي گلن جي ورکا ڪئي ۽ درياهه جي تحفظ جو وچن ورجائيندي سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن پاران “ڊيم سڀ نامنظور، سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سڀ نامنظور” جا زوردار نعرا هنيا ويا.ان موقعي تي ڳالهائيندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سنڌو درياهه تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جون رٿائون ختم ڪري درياهه جو قدرتي وهڪرو برقرار رکيو وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته درياهه تي بند ٻڌڻ ۽ پاڻيءَ جي وهڪري ۾ گهٽتائي سبب سنڌ ۾ زرعي زمينون متاثر ٿيون آهن، جڏهن ته انڊس ڊيلٽا پڻ ماحولياتي نقصان کي منهن ڏئي رهيو آهي.نواز خان زئور موجب سمنڊ جي چاڙهه سبب سنڌ جي سامونڊي پٽي متاثر ٿي رهي آهي، ڪيترائي مقامي ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ زمين ۽ زيرِزمين پاڻي جي صورتحال خراب ٿي آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب مٺي پاڻيءَ جا وسيلا به متاثر ٿي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڊيمن، بئراجن ۽ ڪئنالن جي اڏاوت بابت سنڌ جي خدشن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته درياهه جي پاڻيءَ جو وهڪرو، ماحولياتي نظام ۽ ڊيلٽا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن.نواز خان زئور مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه جي قدرتي وهڪري کي برقرار رکڻ، ڊيلٽا کي گهربل پاڻي پهچائڻ ۽ درياهه سان لاڳاپيل ماحولياتي نظام جي تحفظ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.ٻئي طرف جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ امجد شورو، جان محمد انصاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ پاڻيءَ جي مسئلي بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا.واضح رهي ته ورلڊ رِورز ڊي هر سال سيپٽمبر جي چوٿين آچر تي ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد دنيا جي دريائن جي قدرتي، ثقافتي ۽ ماحولياتي اهميت بابت عوامي شعور وڌائڻ ۽ انهن جي بهتر تحفظ کي هٿي ڏيڻ آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ