ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود ڏوڪري جو خريداري سينٽر نه کليو، آبادگار پريشان

سنڌي خبرون 06th Apr 2026 341 مناظر
سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود ڏوڪري جو خريداري سينٽر نه کليو، آبادگار پريشان
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ خريداري مهم شروع ڪرڻ ۽ فوڊ سينٽر کولڻ جي اعلان باوجود ڏوڪري تعلقي ۾ اڃا تائين فوڊ سينٽر نه کوليا ويا آهن، جنهن سبب علائقي جا آبادگار سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي فصل تيار ٿي چڪي آهي پر سرڪاري سطح تي خريداري جو عمل شروع نه ٿيڻ ڪري کين اناج واپارين کي گهٽ اگھ تي وڪڻڻ تي مجبور ٿيڻو پئجي رهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فوري طور فوڊ سينٽر کوليا نه ويا ته مالي نقصان برداشت ڪري رهيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو آهي ته اختيارين فوري طور نوٽيس وٺي ڏوڪري سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ فوڊ سينٽر کوليا وڃن ته جيئن آبادگارن کي رليف ملي سگهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ