منگل، 29 ستمبر 2026
بریکنگ

جهول ڀرسان گهرڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدار ٿاڻي تي پهچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او معطل

سنڌي خبرون 30th Oct 2024 258 مناظر
جهول ڀرسان گهرڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدار ٿاڻي تي پهچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او معطل

گهرو اڻبڻت تان گهرڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدارن ٿاڻي تي پهچي آپگهات ڪيو: پوليس

جهول (رپورٽر) جهول ويجهو ڳوٺ علي جان مري ۾ جوابدار لاکو ڀيل گهرو اڻبڻت تان فائرنگ ڪري پهنجي امڙ ڪنڪي، ٻن ڀينرن راڌا ، ڌڙڪي ۽ ڀيڻيوي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڳولا باوجود جوابدار پوليس کي هٿ آيو، شام جي وقت جوابدار جهول ٿاڻي تي پهچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ هو ته گهرڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدار لاکو ڀيل ٿاڻي تي پهچڻ بعد اهلڪارن سان منهن ماري ڪئي ۽ بعد ۾ ور مان پسٽل ڪڍي پاڻ تي فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيائين، جوابدار جي مبينا آپگهات واري واقعي جو ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد پرويز چانڊيو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او جهول منير علي بالادي کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي جاچ ڊي ايس پي ٽنڊو آدم حوالي ڪري ڇڏي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ