بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير ويجهو در محمد ڳوٺ ڀرسان فائرنگ ۾ پيءُ پٽ مارجي ويا

سنڌي خبرون 25th Jul 2025 274 مناظر
ملير ويجهو در محمد ڳوٺ ڀرسان فائرنگ ۾ پيءُ پٽ مارجي ويا

فائرنگ جي نتيجي ۾ محمد خان ۽ سندس پٽ حزب الله زخمي ٿيڻ بعد جناح اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمن ڳوٺ جي علائقي در محمد ڳوٺ ڀرسان فائرنگ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔ زخمين کي ترت طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي حوالي ڪيو فوتين جي سڃاڻپ محمد خان ولد يار محمد عمر 55 سال ۽ سندس پٽ حزيب ولد محمد خان عمر 25 سال طور ٿي آهي پوليس واقعي بابت جاچ ڪري رهي آهي ته گولي واقعي اتفاقي هئي يا ڪنهن دشمنيءَ جو نتيجو هئي۔ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ