گڏاپ جي سگهڙ شاعر چاڳلي جوکئي جي مانَ ۾ ڪونڪر لائبريريءَ ۾ شاندار ادبي شام
ادب، تحقيق، لوڪ شاعري ۽ ثقافت سان دلچسپي رکندڙ اديبن، شاعرن، محققن ۽ علمي شخصيتن شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ جي ڪونڪر پبلڪ لائبريريءَ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (گڏاپ شاخ) پاران 26 سيپٽمبر 2026ع تي نامياري سگهڙ شاعر چاڳلي جوکئي لٽائي جي مانَ ۾ شاندار تحقيقي ۽ ادبي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ادب، تحقيق، لوڪ شاعري ۽ سنڌي ثقافت سان دلچسپي رکندڙ اديبن، شاعرن، محققن ۽ علمي شخصيتن شرڪت ڪئي.تقريب کي شاهه لطيف جي پارکو ۽ نامياري محقق پروفيسر ڊاڪٽر رخمان گل پالاري خطاب ڪندي لاڙ ۽ ڪوهستان جي قديم توڙي جديد سگهڙن جي شاعريءَ جي تاريخي پسمنظر، فني حيثيت ۽ ادبي اهميت تي جامع روشني وڌي.پروفيسر ڊاڪٽر رخمان گل پالاري پنهنجي تنقيدي جائزي دوران گڏاپ جي سگهڙ شاعر چاڳلي جوکئي جي لوڪ بيتن، تخيل جي گهرائي، فڪري وسعت ۽ مقامي لهجي جي سادگيءَ کي اجاگر ڪندي چيو ته چاڳلي لٽائي جي شاعري رڳو ڪوهستان جي مقامي حدن تائين محدود ناهي، پر سندس بيتن ۾ ماحولياتي، سماجي ۽ انساني مسئلن بابت گهرو فڪر ۽ حساسيت پڻ نظر اچي ٿي.هن چيو ته چاڳلي لٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪارونجهر جي فطري حسن کي پهتل نقصان، جبلن جي غيرقانوني ڪٽائي، مقامي ماڻهن جي زمينن تي والار سميت علائقي سان لاڳاپيل اهم مسئلن کي به موضوع بڻايو آهي، جنهن سان سندس شاعري لوڪ ادب سان گڏ سماجي شعور جو به اهم ذريعو بڻجي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته چاڳلي لٽائي جو فني سفر رڳو روايتي بيتن تائين محدود ناهي، پر سندس شاعريءَ ۾ حمد، نعت، مناجات، دعائيه ۽ واقعاتي بيتن جو پڻ وڏو ذخيرو موجود آهي. 2024ع جي رمضان المبارڪ جي عيد جي موقعي تي شاهه نورانيءَ وٽ زيارتين سان پيش آيل دردناڪ حادثي، جنهن ۾ 25 کان وڌيڪ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، ان سانحي جي درد کي چاڳلي لٽائي پنهنجي واقعاتي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪيو، جيڪا علائقي جي هڪ اهم انساني الميي کي ادبي صورت ۾ محفوظ رکڻ جي هڪ ڪوشش پڻ آهي.تقريب دوران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (گڏاپ شاخ) جي صدر راشد بلوچ، جنرل سيڪريٽري پروفيسر علي نواز جوکيو، انور بلوچ ۽ ٻين عهديدارن ۽ ساٿين پاران چاڳلي جوکئي کي سنڌي تهذيب ۽ روايتن جي علامت اجرڪ ۽ روايتي لونگي پارائي سندس علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.تقريب جو ماحول سنڌي ثقافت، محبت، خلوص ۽ رواداريءَ سان سرشار رهيو. شرڪت ڪندڙن چاڳلي جوکئي جي لوڪ شاعريءَ ۽ گڏاپ توڙي ڪوهستان جي ادبي ورثي کي محفوظ ڪرڻ، ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۽ نئين نسل تائين پهچائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.