English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور بچايو تحريڪ جو چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري جي صدارت هيٺ اجلاس
48 views
|
11th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ شڪارپور جي خراب ٿيندڙ امن امان واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور بچايو تحريڪ جو هڪ اهم ۽ فيصلاڪن اجلاس چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري جي صدارت هيٺ جامعه مدينه مدرسه شڪارپور ۾ اڳوڻي چيئرمين قاري مجيب الرحمان مدني جي ميزباني ۾ منعقد ٿيو اجلاس جي ڪارروائي جنرل سيڪريٽري پروفيسر پرڪاش لعل هلائي اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي اجلاس ۾ هيٺين عهديدارن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي چيئرمين شڪارپور بچايو تحريڪ مولانا مسعود احمد قادری مولانا مشتاق احمد سھندڙو وائس چيئرمين پروفيسر پرڪاش لعل جنرل سيڪريٽري عبدالغفور دايو ادل آفيس سيڪريٽري قاري مجيب الرحمان مدني اڳوڻو چيئرمين ڏاڏو طاهر سومرو خزانچي استاد عبدالوهاب ڪاغذي اڳوڻو چيئرمين صاحبزاده حافظ فضل ﷲ نوراني پريس سيڪريٽري ۽ ٻين معزز ممبرن پڻ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ شڪارپور جي خراب ٿيندڙ امن امان واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. شرڪاءَ جو چوڻ هو ته هاڻي ته وچ شهر ۾ به ٻن برادرين جي وچ ۾ مسلسل ٻه کان ٽي ڪلاڪ سڌي فائرنگ معمول بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري شڪارپور جا شهري سخت خوف هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن،ان پسمنظر کي ڏسندي شڪارپور بچايو تحريڪ پاران متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته 17 جولاءِ 2025 (خميس) شام 6 وڳي پريس ڪلب شڪارپور ۾ هڪ امن ميڙاڪو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ شهر جي معزز شهرين ۽ سماجي حلقن کان ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي وئي ان سان گڏوگڏ تحريڪ جي اڳواڻن پاران شڪارپور جي ايم اين اي، ايم پي ايز، چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو ته جيئن شهر جو امن بحال ڪري سگهجي اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه سان به امن امان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون ان موقعي تي اڳوڻي پريس سيڪريٽري احسان احمد جيهو جي استعيفا منظور ڪئي وئي، ۽ صاحبزاده حافظ فضل ﷲ نوراني کي نئين پريس سيڪريٽري جي حيثيت سان حلف وکڻايو ويو ۽ کيس سختي سان هدايت ڪئي وئي ته هو تحريڪ جي آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي ذاتي مفادن کان بالاتر ٿي ذميداري نڀائيندو اجلاس جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن پاران صاحبزاده حافظ فضل ﷲ نوراني کي مبارڪباد ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور بچايو تحريڪ
0 تبصرے