سنڌ جي جيڪڏھن ڪن مسئلن تي لکجي اھو چئي سگھجي ٿو ته لکڻ کٽي سگھي ٿو پر مسئلا نه !!
ڇو ته مسئلا ھٿرادو پيدا ٿا ڪيا وڃن سنڌ تي قابضن سنڌ کي لٽيندڙ کائيندڙ پاران جيئن عوام ساھ منجھ مري !
اھڙي طرح ته پوئتي ڌکيو ويو آھي جو مسئلن جي پنجوڙ ۾ ۽ ھر نئين ڏينھن سنڌ ۾ نئون مسئلي کي جنم ڏيارو وڃي ٿو ته جنھن سنڌ جو عوام ساھ کڻڻ لاء
سکي !!
سنڌ جي ھر ننڍي وڏي علائقي ۾ ڪو نه ڪوئي مسئلو آھي ته سنڌ جو عوام ڪٿان لکي سگھندو سنڌ جي بنيادي مسئلن تي يا سنڌ ڪٿان اٿي سگھندو !
پر حق لاء اٿڻ لازم آ ھر ڌرتي جي غيرت مند فرد تي ـ
ظاھري آ ھڪ ويلي تائين پريشاني ڏسڻي پوي ته ڪٿي سنڌ جو عوام ڪٿي آواز بڻبو ؟
جتي سنڌ ۾ ھر شيء تباھ آ اتي سنڌ ۾ تعليم به تباھ آ ـ
مڪمل طور تي جنازو بڻيل آ ؟
ميرٽ جي لتاڙ , ميرٽ جي تباھي !
ميرٽ جو جنازو مطلب تعليم , نوجوان , اميدون , قابليت , اھليت , مستقبل مطلب ھر اھا شيء ختم جيڪي روشن خيال ڏي سٺي واٽ , راھ رستو ڏي انصاف ڏي
ميرٽ کسڻ مطلب
سڌي طرح چئجي ته جھاليت دادگيري اونداھي ھر اھو خيال , ھر اھو رستو جيڪو پوئتي ڌڪيندڙ ھجي جيڪو روشن مستقبل کسيندڙ ھجي اڻ پڙھيل غير شعور فردن کي پڳ پارائڻ برابر آھي .
جيڪو ان وقت وڏي زور شور سان سنڌ ۾ طريقو عام واپرايو ويو آھي ڪنھن نشي وانگر سنڌ حڪومت پاران جيڪي سرعام ھر ڏينھن نئين طريقي ڪار کڻي اچن پيا تباھي طرف ڌکڻ لاء ھر شعبي ۾ مختلف رقمون , ھر ھڪ گريڊ جي الڳ رقم مقرر ڪئي وئي آھي افسوس !
مڪمل مطلب ميرٽ تباھي جي راھ تي راستي تي آڻي وئي آھي ـ
جنھن خلاف سنڌ جو شعور پاران ھڪ تحريڪ ھلائي وئي سنڌ جي ميرٽ کي تباھ ڪندڙ خلاف
سنڌ جي ميرٽ کي بحال ڪرڻ لاء ـ
ھڪ اڻ ڏنل مدي تائين جدوجھد ڪئي پئي وڃي سنڌ جي شعور سنڌ جي جوڌن پاران اڀرندڙ ستارن پاران سنڌ جي تعليم , سنڌ جي روشن خيال ۾ راھ , رستي ۾ ايندڙ ڪنڊن ۽ پڻ انھن راھ ۾ بڻيل دادگيرن خلاف ڪامورن خلاف ـ
اھا تحريڪ سنڌ جي ھڪ وڏي اداري
خلاف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان شروعات ڪئي وئي آھي SPSC جي آفيس آڏو ڪافي ڏينھن کان سنڌ جي نوجوانن پاران سنڌ جي شاگردن کي
ھن تحريڪ احتجاج ۾ ويٺل جوانن کي مھيني کان مٿي ٽائيم ٿيڻ وارو آھي جيڪي لڳاتار تحريڪ ھلي پئي شروعات کان وٺي اھا تحريڪ ان جوش جزبي سان قائم آھي ان وقت تائيـن ھن تحريڪ ۾ ويٺل سنڌ جي شعور نوجوانن کي مختلف ٽائيم تي مختلف مختلف مسئلن سان منھن ڏيڻو پيو ڪڏھن برسات جي پاڻي ۾ ـ
قائم ڪيل ڪئمپ ۾ پاڻي جو بئجي وڃڻ يا الڳ الڳ مسئلن سان پر سنڌ جو شعور پنھنجي جوش جزبي سان فتح جو منتظر آ ـ
ڪجھ ڏينھن اڳي پڻ ھڪ ميرٽ جي جنازي جي ريلي به ڪڍي وئي ھئي حيدرآباد ۾ ئي تحريڪ ھلائيندڙ شاگردن پاران ئي
جيڪي حڪومت جي منھن تي داغ آھي
ايتري احتجاج , تحريڪ ڌرڻن ۾ ڪنھن حڪومت پاران ڪوئي عمل لاء يا ميرٽ بابت ڳالھائڻ لاء تيار ناھي افسوس !
ڇو ته ھن تباھي جا خود حڪومت زميدار آ .
تنھنڪري سنڌ جي سڀني شعور رکندڙ يا سنڌ سان محبت ڪندڙ ھر ھڪ نوجوان کي گھرجي وڌ کان وڌ پڻ شاگردن کي ميرٽ بابت ھلندڙ تحريڪ جو حصو بڻجن چاھي اھو اسڪول جو شاگرد ھجي يا يونورسٽي جو ھر ھڪ پليٽ فارم تائين تحريڪ کي مضبوط ڪرڻ گھرجي
جيڪي شاگرد احتجاج ۾ وڃي نه سگھن اھي سوشل ميڊيا تي ميرٽ لاء ٽرينڊ جو حصو بڻجن يا مختلف پليٽ فارم تان ڳالهائين سنڌ جو شعور جو اسان سڀني کي ساٿ ڏيڻ کپي ڇو ته اسان سڀ سنڌ جو حصو ھر ھڪ سنڌ جي شاگرد جو فرض آ ته سنڌ جي روشنين کي پوئتي ڌڪيندڙ وقت جي قابضن حڪمرانن خلاف ڪامورن خلاف سنڌ جي شعور نوجوانن کي سنڌ جي ھر دنگ جي حفاظت ڪرڻ گھرجي جنھن سنڌ پھريون پنھنجي دنگن ھر وسيلي لاء سنڌ سدائين وڙھي آ پڻ جدوجھد ڪئي ۽ فتح حاصل ڪئي آ
ائين سنڌ جي شعور کي سنڌ جي روشنين لاء روشن خيال لاء بھترين قيادتين لاء سنڌ جي اڀرندڙ ستارن لاء سنڌ جي خوشين لاء سنڌ جي جوانن کي شعور کي ھڪ ٿي وقت جي ظالمن خلاف مضبوط جدوجھد ڪرڻي پوندي ـ
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،
اعلان هزارين مان نه رڳو!
شيخ اياز
0 تبصرے