پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ کان مٿي ٿي چڪي آهي. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس موجب 2024-25ع ۾ ملڪ جي بيروزگاري جي شرح 7.1 سيڪڙو، اسڪول کان ٻاهر ٻار 28 سيڪڙو ۽ شرح خواندگي 58 سيڪڙو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ترقي لاءِ پراڻي طرز جي انتظامي سوچ کان اڳتي وڌي جديد معاشي ۽ انتظامي حل ڳولڻ ضروري آهي.
منهنجي نظر ۾ سنڌ جي مسئلن جو حل سنڌ کي انتظامي طور ٽڪرن ۾ ورهائڻ نه، پر هڪ مضبوط سنڌ اندر ڪيترائي مضبوط معاشي مرڪز پيدا ڪرڻ آهي.
دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا وڏا صوبائي ۽ رياستي يونٽ موجود آهن، جيڪي پنهنجي ملڪن جي معيشت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. چين جو گوانگ ڊانگ، آمريڪا جون ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس، ڪئناڊا جو اونٽاريو ۽ جرمني جو باويريا ان جا مثال آهن. انهن جي ڪاميابي جو راز رڳو انهن جي سائيز ۾ ناهي، پر وسيع اختيارن، مضبوط ادارن، انساني سرمائي ۽ ڪيترن ئي معاشي مرڪزن ۾ آهي.
چين جو گوانگ ڊانگ 12.859 ڪروڙ آبادي ۽ 14.58 ٽريلين چيني يوان جي GDP سان دنيا جي وڏن علائقائي معاشي مرڪزن مان هڪ آهي. ڪيليفورنيا جي GDP تقريباً 4.25 ٽريلين ڊالر ۽ ٽيڪساس جي تقريباً 2.9 ٽريلين ڊالر آهي. انهن مثالن مان هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي: وڏي انتظامي وحدت پاڻ ۾ معاشي ڪمزوري ناهي؛ اصل اهميت حڪمراني، اختيارن ۽ معاشي پاليسين جي آهي.
سنڌ وٽ به ترقيءَ لاءِ بنيادي وسيلا موجود آهن. اڄ سنڌ جي آبادي تقريباً 5.57 ڪروڙ ۽ رقبو 1,40,914 چورس ڪلوميٽر آهي. سنڌ وٽ سمنڊ، بندرگاهون، سنڌو درياهه، ٿر جو ڪوئلو، گئس، شمسي ۽ هوائي توانائي، زراعت ۽ اهم جغرافيائي حيثيت موجود آهي.
ڪيليفورنيا وٽ ٽيڪنالاجي آهي، گوانگ ڊانگ وٽ صنعت ۽ برآمدات آهن، ٽيڪساس وٽ توانائي آهي؛ سنڌ وٽ انهن ڪيترن ئي صلاحيتن کي گڏ ڪرڻ جا وسيلا موجود آهن. مسئلو وسيلن جي کوٽ جو نه، پر انهن کي منظم ۽ جديد معاشي نظام ۾ تبديل ڪرڻ جو آهي.
سنڌ جو هڪ وڏو مسئلو معاشي سرگرميءَ جو ڪراچي تي حد کان وڌيڪ انحصار آهي. ڪراچي سنڌ جي معاشي طاقت آهي، پر ڪنهن به مضبوط صوبي لاءِ ضروري آهي ته وٽس هڪ کان وڌيڪ معاشي انجڻيون هجن. تنهنڪري ڪراچي کي ڪمزور ڪرڻ بدران سنڌ جي ٻين علائقن کي مضبوط ڪرڻو پوندو.
منهنجي تجويز آهي ته حيدرآباد، ڄامشورو، سکر-روهڙي ۽ ٿر کي سنڌ جا وڏا معاشي مرڪز بڻايو وڃي.
ٿر کي توانائي ۽ معدنيات جو مرڪز بڻائي ڪوئلي سان گڏ شمسي ۽ هوائي توانائي، معدني صنعت ۽ لاڳاپيل ڪارخانن کي ترقي ڏني وڃي.
حيدرآباد-ڄامشورو کي تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ دوا ساز صنعت جو مرڪز بڻايو وڃي. يونيورسٽين، تحقيق، آءِ ٽي ادارن ۽ ڪاروباري مرڪزن کي گڏ آڻي نوجوانن لاءِ روزگار ۽ نئين صنعت جا موقعا پيدا ڪيا وڃن.
سکر-روهڙي کي زرعي صنعت ۽ برآمدات جو مرڪز بڻائي زرعي پيداوار کي صرف خام مال طور وڪڻڻ بدران ان جي پروسيسنگ، پيڪنگ، ذخيرن، آمدرفت ۽ برآمد سان ڳنڍيو وڃي.
ان سان گڏ ڪراچي کي عالمي واپار، ماليات، صنعت ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو مرڪز بڻائڻ گهرجي. مقصد ڪراچيءَ جي اهميت گهٽائڻ نه، پر سنڌ اندر ٻيا معاشي مرڪز پيدا ڪرڻ آهي، جيئن سنڌ جي ترقي صرف هڪ شهر سان مشروط نه رهي.
گوانگ ڊانگ مان اسان اهو سبق وٺي سگهون ٿا ته مخصوص علائقن کي سيڙپڪاري ۽ صنعت لاءِ خاص سهولتون ڏئي سگهجن ٿيون. سنڌ ۾ به اهڙا معاشي علائقا قائم ڪري سيڙپڪارن لاءِ هڪ دري نظام، تيز منظوريون، بنيادي ڍانچو ۽ مناسب ٽيڪس سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون.
ٽيڪساس مان سبق اهو آهي ته قدرتي وسيلن کي صرف ڪڍڻ بدران انهن مان صنعت ۽ روزگار پيدا ڪيو وڃي. ٿر جي ڪوئلي، گئس، شمسي ۽ هوائي توانائي مان پيدا ٿيندڙ دولت جو مناسب حصو سنڌ، ضلعن ۽ مقامي آباديءَ جي ترقيءَ تي خرچ ٿيڻ گهرجي.
ڪيليفورنيا جو وڏو سبق انساني سرمايو ۽ نئين ايجادن جو نظام آهي. سنڌ جي وڏين يونيورسٽين کي وڌيڪ مالي ۽ انتظامي خودمختياري ڏئي تحقيق ۽ نئين ٽيڪنالاجيءَ جا مرڪز بڻائڻ گهرجي. نوجوانن لاءِ سنڌ وينچر فنڊ جهڙو منصوبو شروع ڪري نون ڪاروبارن ۽ نون خيالن کي مالي مدد ڏني وڃي.
ساڳئي وقت آئين جي آرٽيڪل 140-A تي سنجيدگيءَ سان عمل ضروري آهي. مڪاني حڪومتن کي سياسي، انتظامي ۽ مالي اختيار ڏيڻا پوندا. صوبائي وسيلن مان ضلعن ۽ مڪاني ادارن کي واضح ۽ شفاف مالي حصو ملڻ گهرجي، ته جيئن مقامي سطح جا روڊ، اسڪول، اسپتال، پاڻي ۽ صفائي جا مسئلا مقامي سطح تي حل ٿي سگهن.
هتي تاريخ جو هڪ سوال به اهم آهي. تقريباً 500 ق.م. ۾ دارا اعظم جي دور ۾ وسيع سلطنت کي مختلف انتظامي حصن ۾ منظم ڪيو ويو. ان دور ۾ وسيع علائقن جي انتظام، ٽيڪس وصولي ۽ مرڪزي حڪمراني کي منظم رکڻ لاءِ اهڙو نظام ضروري هو، ڇاڪاڻ ته سفر ۽ مواصلات اڄ جيان تيز نه هئا.
پر اڄ اسان 500 ق.م. ۾ ناهيون. اڄ انٽرنيٽ، جديد مواصلات، تيز آمدرفت، ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت جو دور آهي. تنهنڪري جديد مسئلن جا حل به جديد دور جي ضرورتن مطابق ڳولڻا پوندا.
صوبن جي تعداد بابت بحث ۾ آمريڪا جو مثال به ڏنو ويندو آهي ته آمريڪا 13 اصل رياستن کان وڌي 50 رياستن تائين پهتو. اهو صحيح آهي ته آمريڪا ۾ وقت سان نيون رياستون شامل ٿيون، پر ان مثال مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته موجوده انتظامي وحدتن کي ٽوڙي نوان يونٽ ٺاهڻ ئي بهتر حڪمرانيءَ جو لازمي رستو آهي. آمريڪا جي مختلف رياستن جي قيام جا تاريخي پسمنظر به هڪجهڙا نه هئا.
اصل سوال اهو هجڻ گهرجي ته ، ڇا موجوده انتظامي وحدت اندر اختيار، وسيلا ۽ ترقيءَ جا موقعا وڌيڪ مؤثر نموني ورهائي سگهجن ٿا؟
سنڌ جي صورت ۾ جواب آهي: ها.
هي دور قومن جي شناخت کي مسخ ڪرڻ جو دور ناهي. جيڪڏهن مسئلو حڪمرانيءَ جو آهي ته حل بهتر حڪمراني آهي؛ جيڪڏهن مسئلو اختيارن جي کوٽ جو آهي ته حل اختيارن جي منتقلي آهي؛ ۽ جيڪڏهن مسئلو معاشي مرڪزيت جو آهي ته حل معاشي وسعت ۽ ڪيترن ئي معاشي مرڪزن جي تعمير آهي.
انتظامي ورهاست ۽ معاشي ورهاست هڪ ئي شيءِ ناهي. سنڌ کي انتظامي طور ننڍو ڪرڻ بدران معاشي طور مضبوط ۽ متوازن بڻائڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ وٽ گوانگ ڊانگ جهڙي وڏي آبادي ۽ صنعتي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي گنجائش، ڪيليفورنيا وانگر انساني سرمايو پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ٽيڪساس وانگر توانائيءَ جا وسيلا موجود آهن.
مسئلو سنڌ جي سائيز ناهي؛ مسئلو اهو آهي ته سنڌ جي موجوده طاقت کي منظم ۽ جديد معاشي نظام ۾ تبديل نه ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن ايندڙ ڏهن سالن ۾ حيدرآباد-ڄامشورو، سکر-روهڙي، ٿر ۽ ٻين علائقن کي مضبوط معاشي مرڪز بڻايو وڃي، ڪراچي کي عالمي معاشي مرڪز طور وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي، تعليم ۽ نوجوانن ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي وڃي ۽ مڪاني حڪومتن کي حقيقي مالي ۽ انتظامي اختيار ڏنا وڃن، ته سنڌ نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي جي هڪ اهم معاشي طاقت بڻجي سگهي ٿي.
سنڌ کي ننڍو ڪرڻ سان طاقت نه وڌندي؛ طاقت تڏهن وڌندي، جڏهن سنڌ جي اندر ڪيترائي مضبوط معاشي مرڪز پيدا ٿيندا.
سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي نه، هڪ طاقتور سنڌ ٺاهڻ جي ضرورت آهي.
0 تبصرے