سپروائيزر انور شاهه خلاف ڪيس داخل ٿيڻ توڙي مئنيجر خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف پورهيتن پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ قومي شاھراه لڳ گارمنٽس جي خانگي ڪارخاني ۾ جي ايم طرفان گولي هڻي زخمي ڪيل سپر وائزر جو معاملو، پورهيتن جو زخمي سپروائزر انور شاھ خلاف داخل ڪوڙي ڪيس ۽ مينيجر تي ڪاروائي نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي بک هڙتال سنڌي پورهيتن سان ناانصافيون بند ڪيو جي ايم خلاف قانوني ڪاروائي ڪيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، ڪارخاني جي انتظاميا سنڌي پورهيتن خلاف پيسو پاڻي وانگر وهائي رهي آھي مسلسل احتجاج ڪرڻ باجود ڪو به داد فرياد نٿو ڪيو وڃي پورهيتن جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ملير ۾ قومي شاھراه لڳ خانگي ڪارخاني قاسم ڊينم گارمينٽس ۾ ڪم ڪندڙ سپروائزر انور شاھ کي گولي هڻي زخمي ڪرڻ ۽ شاھ لطيف ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن پورهيتن عادل آرئين اصغر کوسو عرفان ڪلوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان هڪ ڏينهن جي احتجاجي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي ان موقعي تي پورهيتن سنڌي مزدورن سان ناانصافيون بند ڪيو، جي ايم خلاف ڪاروائي ڪيو، انور شاھ مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا پورهيت اڳواڻن صحافين سان ڳالھائندي چيو ته ڪارخاني جي انتظاميا سنڌي پورهيتن خلاف پيسو پاڻي وانگر وهائي رهي آھي مسلسل احتجاج ڪرڻ باجود به داد فرياد نٿو ڪيو وڃي قاسم گارمنٽس ۾ جي ايم پورهيتن خلاف پنهنجو عقوبت خانو قائم ڪري ڇڏيو آھي جتي دهشت جو راڄ قائم آھي هنن مطالبو ڪيو ته جي ايم کي فوري طور برطرف ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ انور شاھ مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس رهتون ادا ڪيون وڃن هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته اگر انصاف نه ٿيو ته فيڪٽري جي گيٽ سامھون مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو هڻنداسين
0 تبصرے