گلشن حديد ۾ گٽر اٿلي پيا ، گندو پاڻي رستن، بازارن گهٽين ۽ گهرن ۾ داخل

گٽرن جو پاڻي بيهڻ سبب شهري سخت پريشاني جو شڪار، انتظاميا ننڊ مان نه جاڳي

گلشن حديد ۾ گٽر اٿلي  پيا ، گندو پاڻي رستن، بازارن  گهٽين ۽ گهرن ۾  داخل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي ڳتيل آبادي گلشن حدید فیز ٽو ۾ گندي پاڻي جو نيڪالي نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي جنهن سبب گٽر جو گندو پاڻي گهرن، گهٽين، بازارن ۽ اهم رستن ۾ داخل ٿي ويو آهي رستا ئ گهٽيون تلائن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن، جڏھن ته بدبوءِ جي ڪري رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي ٻي طرف گندگيءَ جي ڪري روزمره جي سرگرمين سميت ننڍا ڪاروبار به بُري طرح متاثر ٿيا آهن. دڪاندارن جو چوڻ آهي ته گراهڪ اچڻ بند ٿي ويا آهن، ۽ جيڪي اچن ٿا، سي به پاڻي ڏسي واپس هليا وڃن ٿا ڪيترن ئي هنڌن تي گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب بيماريون پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي رهواسين ٻڌايو ته اسٽيل ملز انتظاميا طرفان علائقي ۾ مقرر ڪيل صفائي عملي کي بنا ڪنهن اطلاع جي فارغ ڪيو ويو آهي جنهن بعد صفائي جو عمل مڪمل طور تي بند ٿي ويو آهي. ان فيصلي تي شهرين سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هي عمل رهواسين سان واعدي خلاف آهي ۽ سراسر زيادتي آهي جڏهن ته يونين ڪائونسل انتظاميا پڻ صفائي ۽ نيڪاسي جي معاملي ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون ويون آهن پر ڪنهن به قسم جو عملي قدم نه کنيو وڃي ماڻهن جو چوڻ آهي ته بلدياتي نمائندا رڳو چونڊن وقت ئي نظر اچن ٿا علائقي واسين سخت احتجاج جو اعلان ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر صفائي ۽ نيڪاسي جو مناسب بندوبست نه ڪيو ويو ته هو سخت احتجاج ڪندا ۽ مين روڊ بلاڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا