سجاول ۾ پيءَ پٽ جو ملڪيت تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

سجاول شهر جي مختلف علائقن ۾ اباڻي ملڪيت موجود آهي: غلام رباني غوري

سجاول ۾ پيءَ پٽ جو ملڪيت تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

منهنجي ڀائرن اباڻي ملڪيت تي قبضو ڪري اسان کي مڪمل بيدخل ڪري ڇڏيو آهي سجاول (رپورٽر) سجاول شهر جي رهواسي جنيد غوري پنهنجي پيءُ غلام رباني غوري سان گڏ سورج سجاولي پريس ڪلب پهچي ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته سندس اباڻي ملڪيت، جيڪا سجاول شهر سميت ٻهراڙي جي مختلف علائقن ۾ موجود آهي، ان تي سندس چاچن غيرقانوني طور قبضو ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ انهن پاران ساڻن زيادتيون ڪري جائيدادن تان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.جنيد غوري ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته، "منهنجا چاچا، جن جو قبضو اڳ ئي اسان جي اباڻي جائيدادن تي آهي، هاڻ اسان کي مڪمل طور بيدخل ڪرڻ لاءِ منهنجي ماءُ کي استعمال ڪري رهيا آهن. منهنجي ماء سان ملي منھنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان جي حصي جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.,هن وڌيڪ چيو ته، "اسين انصاف لاءِ دربدر آهيون. اسان پنهنجي جائز حصي لاءِ وڙهي رهيا آهيون، پر بااثر چاچن جي ڏمر سبب اسان جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. جنيد غوري ۽ سندس والد غلام رباني لاڳاپيل ادارن، خاص طور تي عدالتن، پوليس، ۽ انساني حقن جي ادارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. هنن اپيل ڪئي ته سندن جائز ملڪيت جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن.