مورو ۾ شيعا تنظيمن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

حڪومت پاران زائرين لاء باڊر کولي بيچيني ختم ڪئي وڃي: مطالبو

مورو ۾ شيعا تنظيمن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

مورو (جاني جماڻي) موري جي مومنين جو پر امن احتجاج، مورو انجمن حسيني جي قيادت سيد ڪاظم شاه جي اڳواڻي ۾ مرڪزي جامع مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ مومنين عزادارن پاران زائرين اربعين امام حسين عليہ السلام جي بندش خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، مظاهرين مطالبو ڪيو تہ حڪومت پاڪستان جلد زائرين لاء باڊر کولي زائرين جي بيچيني ختم ڪري نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي،