شڪارپور پوليس عوام ۽ دڪاندارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي: ڊي ايس پي پارس بکراڻي

شڪارپور ۾ ڊي ايس پي پارس بکراڻي پاران مين مارڪيٽ جو دورو، واپارين، دڪاندارن ۽ عهديدارن سان ملاقات

شڪارپور پوليس عوام ۽ دڪاندارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي: ڊي ايس پي پارس بکراڻي

شڪارپور (احسان ابڙو ) ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پاران جاري ڪيل هدايتن تي ڊي ايس پي سٽي ميڊم پارس بکراڻي صاحبه ضلعي شڪارپور جي مين مارڪيٽ جو دورو ڪري واپارين، عهديدارن ۽ دڪاندارن سان ملاقات ڪئي وزٽ دوران ڊي ايس پي سٽي ميڊم پارس بکراڻي سان ايس ايڇ او اسٽورٽ گنج ۽ ايس ايڇ او لکيدر گڏ موجود هئا واپاري ڀائرن ۽ دڪاندارن ڊي ايس پي سٽي جو کليل دل سان استقبال ڪيو ڊي ايس پي سٽي ميڊم پارس بکراڻي کيدر ٿاڻي کان گهنتا گهر سرافه بازار مينا بازار سميت سڄي مارڪيٽ جو دورو ڪيو، سيڪيورٽي جو جائزو وٺي دڪاندارن سان ملاقات ڪئي.دڪاندارن ۽ ڪاروباري ڀائرن سان ملاقات دوران سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ورتي، سندن جا مسئلا ٻڌي لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي مسئلا فوري طور حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏي ڊي ايس پي سٽي ميڊم پارس بکراڻي وڌيڪ دڪاندارن کي چيو ته شڪي ماڻهن يا نا خوشگوار واقعي جي صورت ۾ لاڳاپيل ٿاڻي يا 15 مددگار کي بروقت اطلاع ڪريو شڪارپور پوليس عوام ۽ دڪاندارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي ۽ شڪارپور ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.