تعليم بنيادي حق آهي ۽ ڪنهن به ٻار کي ان کان محروم نه رکڻ گهرجي، جلد اسڪول قائم ڪنداسين: مڪيش ڪمار مهيشوري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير مينارٽي اتحاد جي اڳواڻن ميمڻ ڳوٺ لڳ تماچي ڪولھي ڳوٺ جو دورو ڪيو جتي ڳواٺاڻن سالن کان اسڪول نه ھجڻ ڪري پنھنجي پريشاني سان آگاھ ڪيو اڳواڻن ڳوٺ ۾ تعليم جي کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ فوري طور تي اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو۔ دوري ۾ اڳواڻ مڪيش ڪمار مهيشوري، راجيش مهيشوري، سنتوش ڪمار ڀيل، پپو مڪوانا، گهلو مل ڀيل، درشن لال، مڪيش ڪمار ڪولھي ۽ ٻيا موجود ھئا ۔اڳواڻن کي ڳوٺ واسين ٻڌايو ته علائقي ۾ اسڪول نه هئڻ سبب درجنين ٻار تعليم کان محروم آهن، جنهن سبب نه رڳو سندن مستقبل خطري ۾ آهي پر سماجي ترقي به روڪجي وئي آهي۔ان موقعي تي مڪيش ڪمار مهيشوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم بنيادي حق آهي ۽ ڪنهن به ٻار کي ان کان محروم نه رکڻ گهرجي۔ هن اعلان ڪيو ته ملير مينارٽي اتحاد جي پليٽ فارم تان تماچي ڪولھي ڳوٺ ۾ اسڪول جو قيام سڀاڻي کان عمل ۾ آندو ويندو، جتي پهرين ڏينهن کان ئي پڙهائي شروع ڪرائي ويندي۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻارن لاءِ ڪتاب، بستائون، ڪاپيون ۽ ٻيو تعليمي سامان پڻ سڀاڻي ڳوٺ پهچايو ويندو، جيئن پڙهائي جو عمل بنا دير جي شروع ٿي سگهي۔ ڳوٺ واسين اسڪول قائم ڪرڻ جي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي علائقي جي روشن مستقبل ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو۔
0 تبصرے