English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران هڪ زخمي سميت ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
79 views
|
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
مقابلي ۾ مختيار بروهي زخمي ٿي پيو، کيس شاهنواز سولنگي ۽ فرحان بروهي طور گرفتار ڪري ورتو: پوليس
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ٺٽو پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، پوليس مقابلي دوران ڦرون رهزنين ۽ موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار، جڏهن تہ 1 جوابدار هٿيار سميت زخمي حالت ۾ گرفتار، 10 ڦر / چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ. ڊي ايس پي ٺٽو جي پريس ڪانفرنس.تفصيل موجب ڊي ايس پي ٺٽو وحيداللہ لاڙڪ،ايس ايڇ او مڪلي انور شر،ايس ايڇ او ٺٽو ماجد ڪورائي ۽ سي آئي اي انچارج ٺٽو مراد علي بکراڻي سان گڏ ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ رات دير سان پوليس کي اطلاع مليو ته 5 اڻڄاتل هٿياربند جوابدار ٺٽو سيمينٽ فيڪٽري ڀرسان، ڳوٺ قاسم جوکيو لنڪ روڊ تي ڦر جي ارادي سان موجود آهن۔اطلاع ملڻ شرط، ايس ايڇ او ٿاڻو مڪلي سب انسپيڪٽر انور علي شر، ايس ايڇ او ٿاڻو ٺٽو انسپيڪٽر ماجد ڪورائي ۽ انچارج سي آءِ اي ٺٽو مراد علي بکراڻي پنهنجي ساٿين سان گڏ بروقت واقعي واري هنڌ پهتا ۽ جوابدارن جو پيڇو ڪيو۔ جوابدارن پوليس کي جان سان مارڻ جي نيت سان فائرنگ ڪئي، جنهن تي پوليس طرفان به جوابي فائرنگ ڪئي وئي ۽ پوليس مقابلو ٿيو۔ھن وڌيڪ چيو تہمقابلي دوران هڪ جوابدار زخمي حالت ۾، ڏوھن ۾ استعمال ٿيل پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ مختيار ولد محمد علي بروهي، رهواسي اصل ٽنڊوالهيار، حال ڪچي آبادي مڪلي طور ٿي۔ وڌيڪ ٻن جوابدارن شاھنواذ ولد محمد اسماعيل سولنگي ۽ فرحان ولد نديم هولاڻِي ملاح کي به گرفتار ڪيو ويو۔ان موقعي تي ھن وڌيڪ چيو تہابتدائي جاچ موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏ ضلع ٺٽو، ٽنڊوالهيار ۽ ٻين علائقن ۾ ڌاڙن، رهزنين ۽ موٽر سائيڪل ڦرون جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهي۔ جوابدارن جي نشاندهي تي 10 ڦر ڪيل۽ چورايل موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون اھن، جڏھن تہفرار جوابدارن، قادر ولد پوڙهو سولنگي ۽ بابو ولد آچار هولاڻِي ملاح، جي گرفتاري لاءِ پوليس جا ڇاپا جاري آهن۔گرفتار جوابدارن جو مڪمل ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن تہ وڌيڪ ريڪوري لاءِ جوابدارن جو پوليس ريمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي۔ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔ڊي ايس پي ٺٽو وڌيڪ ٻڌايو تہايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي طرفان بروقت ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي پوليس ٽيم کي شاباش ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ حاجي ميان محمد حسن شاهه جي سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪٽيو ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي باءِ پاس تي حادثي ۾ واٽهڙو فوت ٿي ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن آڻڻ لاءِ سهڪار ڪيو ويندو: صنم عباس ٽالپر
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
دادو پوليس پاران صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو پوليس
0 تبصرے