عمرڪوٽ ۾ جشنِ آزادي معرڪو حق جي عنوان سان غوثيه گيسٽ هائوس ۾ تقريب

سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي نگراني هيٺ ضلعي انتظاميا ۽ عمرڪوٽ سٽيزن فورم جي گڏيل سهڪار سان تقريب منعقد

عمرڪوٽ ۾ جشنِ آزادي معرڪو حق جي عنوان سان غوثيه گيسٽ هائوس ۾ تقريب

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام عمرڪوٽ جي زير نگراني ضلعي انتظاميا عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ سٽيزن فورم جي گڏيل سهڪار سان جشنِ آزادي ۽ "معرڪو حق" جي عنوان سان غوثيه گيسٽ هائوس ۾ هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاهري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو پاران مهمان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، جڏهن ته پروگرام ۾ پرنسپل ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ عبدالرؤف سومرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشيل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، سي آءِ انچارج عمرڪوٽ خليل احمد ڪنڀر، ضلعي تعليم آفيسر پرائمري عمرڪوٽ مير حسن آريسر، پرنسپل هاءِ اسڪول ون دليپ ڪمار، ضلعي مينيجر سماجي تنظيم سي ايس ايس پي عمرڪوٽ مير حسن آريسر، ضلعي آفيسر آر ايس يو حاجي شهزاد ڪنڀر، سماجي اڳواڻ عبدالله کوسو، جلال ڪوري، مشتاق ڪنڀر، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر عمرڪوٽ، مختلف اسڪولن جا استاد ۽ ٻيا به اعزازي مهمان طور شامل ٿيا، ان موقعي تي مختلف سماجي تنظيمن، تعليمي ۽ شهري حلقن جا نمائندا به وڏي انگ ۾ موجود هئا، جڏھن ته شرڪت ڪندڙن آزادي جي اهميت، قربانين جي لازوال داستان ۽ پاڪستان جي بقا ۽ ترقي لاءِ گڏيل ڪردار تي روشني وڌي، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته "معرڪو حق" جو پيغام اسان کي ياد ڏياري ٿو ته سچائي، قرباني ۽ اتحاد ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي، هن چيو ته اسان جي ٻارن جو مستقبل انتهائي شاندار آهي، اسان کي هڪ قوم ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي معيشت، ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ رياست کي به پنهنجي عوام کي پنهنجن ٻارن وانگر سنڀالڻو پوندو ته جيئن سڀ گڏجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري سگهون، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو پروگرام کي خطاب ڪندي چيو ته اسان بچپن کان جشنِ آزادي جون تقريبون ملهايون آهن، پر ڪجھ ادارا ان کي هڪ منفرد انداز سان ملهاين ٿا، جنهن ۾ اسان قومي هيروز کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڪردار کي ياد ڪندي اهو عهد ڪريون ٿا ته ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪنداسين، هن چيو ته ملڪ جي آزادي لاءِ اسان جي اڳواڻن لازوال قربانين ڏنيون آهن ۽ فوج پنهنجي حق جي جنگ کٽي آهي جيڪا قابلِ تعريف آهي، ان موقعي تي سماجي تنظيم سي ايس ايس پي عمرڪوٽ پاران ضلعي انتظاميا ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان بهتر رابطن جي سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ و چيف مانيٽرنگ آفيسر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ٽي او عمرڪوٽ غلام مرتضي سھتو ۽ پي اي ٽو ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ مشتاق ڪنڀر کي به ايوارڊ ڏنا ويا، ان موقعي تي پرنسپل ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالرؤف سومرو، ضلعي تعليمي آفيسر پرائمري عمرڪوٽ مير حسن آريسر، جلال ڪوري، نصيرين قمبراني، جاويد ڪنڀر ۽ ٻين به تقريب کي خطاب ڪيو، جڏھن ته پروگرام دوران ملي نغما، تقريرون ۽ شاگردن جي پرفارمنسز تقريب کي وڌيڪ يادگار بڻائي ڇڏيو ۽ جن شاگردن تقرير، ملي نغمن ۽ ٽيبلوز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري انهن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، جڏھن ته آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ امن لاءِ خاص دعا ڪئي وئي.