English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي گذريل 3مھينن کان بجلي جي اک ٻوٽ خلاف رهواسي موٽروي تي نڪري آيا
85 views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير(رپورٽر)ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل 3مھنن کان بجلي جي اک ٻوٽ خلاف رهواسي احتجاج ڪندا ايم 9موٽر وي تي نڪري آيا, رهواسين طرفان احتجاجي ڌرڻو موٽر وي جا ٻئي پاسا بند, گاڏين جون قطارون لڳي ويون ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا, اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ايس ايس پي ملير پهچي ويا بجلي جي فوري بحالي جي خاطري تي ٻن ڪلاڪن کان جاري احتجاج ختم، جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر آفيسرن جي واعدي تي عمل نه ٿيو ته ٻيھر اڻڃاتل مڌي تائين ڌرڻو هنيو ويندو اڳواڻ تفصيل موجب ملير جي علائقي ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل 3مھنن کان بجلي جي اک ٻوٽ خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي ڪيترائي رهواسي احتجاج ڪندا ايم 9موٽر وي تي نڪري آيا جتي احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويهي رهيا جنهن جي اڳواڻي سماجي ڳواڻ احمد کوسو، غفار ڪاڇيلو، غلام قادر واڍيلو،جانشير جوکيو ڪري رهيا هئا ڌرڻي سبب موٽر وي جا ٻئي پاسا بند ٿي ويا ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاھرين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو ۽ ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي پهچي ويا جن مظاھرو ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري جلد بجلي بحال ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ٻن ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻ صحافين سان ڳالھائندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آھي ٻهراڙي وارن علائقن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر آفيسرن جي واعدي تي عمل نه ٿيو ته ٻيھر اڻڃاتل مڌي تائين ڌرڻو هنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا پاڪستان طاقتور مرڪز ٿي اڀري ٿو . ؟.! ؟
27th Mar 2026
•
صحت
طبی ماہرین کا بڑا کارنامہ، انسولین اب ماضی کی بات بن سکتی ہے!
27th Mar 2026
•
شوبز
دنیا کی توجہ ہٹی لیکن غزہ میں تباہی اور انسانی بحران ابھی جاری ہے: اینجلینا جولی
27th Mar 2026
•
تازہ ترین
امریکہ اور اسرائیل کی جاری جنگ میں اب تک 1900 ایرانی شہید: ہلال احمر
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ضلعي ملير ۾ عورتن ۽ ٻارڙين جا مبينا اغوا، علائقي واسي خوف ۾ مبتلا
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
مورو واسين جو نوشهروفيروز ۾ وياجين خلاف احتجاج
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد مان گم ٿيل طيبه جي امڙ اڌ رات جو پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي تي پهچي وئي
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ مصر جي واءِ واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
0 تبصرے