ٺٽي ۾ سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي فخرالنساءَ جون ڪارروائيون

ٺٽي ۾ سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي فخرالنساءَ جون ڪارروائيون

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ٺٽو ميڊم فخرالنساء ۽ ٽرئفڪ انچارج امام بخش ناھيو پاران ٽيم سان گڏ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي اوچتو چيڪنگ ڪئي وئي جنھن ۾ وڌيڪ ڀاڙن جي وصولي، گاڏين جي فٽنيس ۽ ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي، مسافرن کان غيرقانوني ڀاڙا وٺندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي پڻ نالي ماتر ڪئي وئي، ھنن جو چوڻ ھو ته عوام جي قيمتي حياتين جي تحفظ لاءِ ھر قدم کڻبو، جڏھن تہ ٺٽي شھر ۾ ٽريفڪ جو سمورو نظام ناڪارا آھي ٽريفڪ پوليس صرف اوڳاڙي لاء مقرر ٿيل آھي جڏھن تہ مين روڊ تي انڪروچمينٽ سبب گاڏيون وچ روڊ تي پارڪنگ ڪيون وينديون آھن، ايس ايس پي ٺتو جي حڪم تحت اوور لوڊيڊ گاڏيون ۽ ھيوي ٽريفڪ ڏينھن جي وقت شھر ۾ داخل نٿيون ٿي سگھن پر ان تي عمل نہ پيو ٿئي ٽريفڪ پوليس وارا 50 روپين عيوض گاڏيون شھر ۾ ڇڏيو ڏين جنھن سان ڪافي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، اڄوڪي ٽريفڪ پوليس جي ڪاروائي ڪابہ ڪاروائي نہ ڪري سگھي صرف فارملٽي پوري ڪرڻ لاء ماڻھن کي پريشان ڪيو ويو، جڏھن تہ ٺٽو ٽريفڪ پوليس کي قانون جي پاسداري ڪرڻ گھرجي ۽ روڊ رستن تي ٽريفڪ جي آمدورفت برقرار رکڻ سندن ذميواري آھي ۽ آمدورفت کي بحال رکيو وڃي