English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏيپارجا ۾ سيد ثمر نقوي ۽ سندس ٽيم پاران اکين جي مفت ڪئمپ لڳائي وئي
26 views
|
17th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سيد ثمر نقوي ۽ سندس ٽيم بهترين سماجي ڪم ڪري رهي آهي، سندن ٿورائتا آهيون: ساڃاهه وند
نوشهروفيروز (ڊر) سيد ثمر نقوي ۽ سندس ٽيم پاران ڏيپارجا ۾ مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ اکين ماهر سرجن ڊاڪٽر غلام حسين تنيو صاحب 300کان وڌيڪ مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪيو جڏهن ته ڪئمپ ۾ دوائون ڊراپس ۽ چشما مفت ڏنا ويا۔ان موقعي تي سماجي اڳواڻن اعجاز ممنائي پير امام بخش عابدي محبتي ملاح ذولفقار مولائي چنا منٺار مري پير مرتضيٰ ۽ ٻين چيو ته اڄ علائقي وارن لاء خوشيء جي ڳالهه آهي جو اکين جي بيمارين ۾ ورتل مريضن کي گهر ويٺي ڊاڪٽر ۽ سندن ٽيم چيڪ اپ ڪري رهي آهي علائقي ۾ غربت سبب ماڻهو پنهنجو علاج به نه ٿا ڪرائي سگهن سيد ثمر نقوي ۽ سندس ٽيم بهترين سماجي ڪم ڪري رهي آهي اسان سندس ٿورائتا آهيون جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته اسانجو غريب عوام سندس لاء دعاگو هوندو ۽ بيمارين کان محفوظ رهندو۔ان موقعي اکين جي ماهر ڊاڪٽر غلام حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اکين ۾ ڪيتريون ئي بيماريون آهن جن جي ماڻهن کي خبر ئي ناهي ان لاء بيداري مهم هلائڻ گهرجي ان کان سواء موتئي جو اکين ۾ اچڻ نظر کي ڪمزور ڪندو آهي ان لاء انهن جو وقت سر آپريشن ڪرڻ لازمي آهي۔ هن چيو ته مان رضاڪارانه طور خدمت ڪرڻ لاء تيار آهيان۔ جيڪي دوست سماجي ڪم ڪن ٿا انهن کي اپيل ٿو ڪريان ته او۔پي۔ڊي سان گڏ آپريشن جو به انتظام ڪن جنهن ۾ لينسز لڳائي غريبن کي نور جهڙي نعمت سان نوازي سگهجي ٿو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سيد ثمر نقوي
نوشهروفيروز
0 تبصرے