ملير: ڀينس ڪالوني ويجهو پورھيت جو گھر ڪري پيو ، نينگر فوت، عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي

پيراڻو ڳوٺ ۾ منجهند ڌاري پورهيت آدم شر جي گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي

ملير: ڀينس ڪالوني ويجهو پورھيت جو گھر ڪري پيو ، نينگر فوت، عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي علائقي ملير ڀينس ڪالوني لڳ پيراڻو ڳوٺ ۾ منجهند ڌاري پورهيت آدم شر جي گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ نون ورهين جو معصوم ٻارڙو غلام مصطفى ولد نادر شر سخت زخمي ٿي پيو جنهن اسپتال ويندي دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن تہ هڪ عورت دادلي سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا پاڙي وارن جو چوڻ هو ته واقعي وقت گهر وارا اندر موجود هئا ته اوچتو ڪمزور ڪمري جي ڇت ڪري پئي جنهن سبب گهر جو وڏو حصو ملبيجو ڍير بڻجي ويو. پاڙي وارن رڙين تي پهچي ملبو هٽائي زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ ريسڪيو ادارن ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي متاثر گهر وارن جو چوڻ آهي ته هو ڳڙهي ياسين جا رهواسي آهن ۽ سخت غربت سبب ڪراچي اچي ملير جي پيراڻي ڳوٺ واري علائقي ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهندا آهيون نادر شر جي ڀاءُ آدم شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو گذريل ڪيتري عرصي کان روزگار لاءِ هتي رهائش پذير آهن پر ڪرائي جا گهڻا گهر ڪمزور ۽ خطرناڪ حالت ۾ آهن، جنهن سبب هي واقعو پيش آيو پاڙي وارن ۽ متاثرن انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ اهڙن ڪمزور ۽ خطرناڪ گهرن جي سروي ڪئي وڃي، متاثر خاندان جي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ فوت ٿيل معصوم ٻار لاءِ انصاف فراهم ڪيو وڃي.