ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي آزادي واري ڏھاڙي جي حوالي سان سماجي تحفظ واري کاتي پاران پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب جي صدارت سماجي تحفظ واري کاتي جي خاص معاون جناب سرفراز راڄڙ صاحب جن ڪئي ، جڏهن ته اقليتي معاملن بابت وڏي وزير جو خاص معاون ڊاڪٽر لال چند ۽ سيڪريٽري سماجي تحفظ کاتو مزمل حسين هاليپوٽو خاص مهمان هئا، اعزازي مهمانن ۾ سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جو سي اِي او سميع الله شيخ ۽ ناليوارو اديب ، شاعر ۽ دانشور محترم مدد علي سنڌي هو. جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي سماجي تحفظ واري کاتي جي خاص معاون سرفراز راڄڙ چيو ته 14 آگسٽ رڳو پاڪستان جي آزادي جي تاريخ ناهي، پر اها قربانين، بهادري ۽ يقينِ محڪم جي علامت آهي. 14 آگسٽ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هي آزاد فضا اسان کي بي حساب قربانين جي نتيجي ۾ ملي آهي،اهي قربانيون جيڪي ھندستان کي تاريخي شڪست بعد معرڪهءِ حق جي صورت ۾ سچ، عدل ۽ آزادي لاءِ ڏنيون ويون. اسان جي بهادر فوج معرڪهءِ حق ۾ دشمن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان جي فوج پنهنجي ملڪ ، ملڪ جي سرحدن ۽ قوم جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ اها ڪنهن کي به ملڪ ڏانهن ميري اک کڻي نهارڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي. ان موقعي تي اقليتي معاملن بابت وڏي وزير جي خاص معاون ڊاڪٽر لال چند چيو تہ ھن ملڪ جون اقليتون پاڪستان جي فوج سان وک وک تي گڏ آھن. ھن چيو تہ اڄ جڏهن اسان پنهنجي قومي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا آهيون ته اسان کي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته اسان آزادي جي هن امانت کي ايمانداري، اتحاد ۽ قربانيءَ سان سنڀالي رکنداسين. پاڪستان سدائين قائم ۽ دائم رهي! تقريب کي ٻين مقررن 14 آگسٽ آزادي واري ڏهاڙي ۽ معرڪه حق ۾ پنهنجي فوج جي ڪيل قربانين تي تفصيل سان ڳالهايو.
0 تبصرے