English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف مختلف شهرن ۾ 13هين ڏينهن به ريليون ۽ مظاهرا
views
|
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ جي امن، صحت، تعليم، بلديات، زراعت سميت سمورو نظام تباھ ڪري ڇڏيو آھي: فرحان لاڙڪ ۽ ٻيا
حيدرآباد /ملير/ ڪشمور/تنگواڻي/واھي پانڌي/ميرپورخاص/باھو کوسو/ميرواھ گورچاڻي/سيکھاٽ:پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي 13ھين ڏينھن بہ مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ملير جي علائقي شاھ لطيف ٽائون ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، منان شيخ، فياض اتيرو ، جنسار هيسباڻ ، ايڊوڪيٽ عابد جوڻيجو ، علي راض جوڳي ، لال چند ، ضمير لغاري ، سينگار بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمداڻي ھوٽل شاھ لطيف کان مين نيشنل ھاءِ وي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي وئي ڪشمور ۾ فدا حسين محمداڻي، ضمير حسين چنہ، عبدالحميد ملڪ، عبدالرزاق شيخ، رئيس شير محمد چاچڙ، اندر لعل، جبار سنڌي، جميل چاچڙ، ڪامران شيخ، شھزاد دايو، غازي نصيب ﷲ کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ھوڏانھن تنگواڻي ۾ مرڪزي اڳواڻ ارصلاح بھلڪاڻي، ڊاڪٽر قدرت الله باجڪاڻي، سجاد بروهي، سچل ملڪ، سرور گاجاڻي، سرور جعفري، رحمت الله ڇڄڻ، شوڪت ڀيو، راشد ڀيو، وزير بھلڪاڻي، اسماعيل ملڪ، شيران باجڪاڻي، جيتو رام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورخاص ۾ شوڪت نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، بابو نوحاڻي، ايڍوڪيٽ ذاڪر حسين لغاري، مقصود ڀرڳڙي، رازو ڪولھي، حسين خاصخيلي، وزير ريٻاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.باھو کوسو ۾ ناصر ڪنراڻي، علي وفا بروھي، نظر بگٽي، اختر ڊومڪي، سينئر صحافي عبدالوحيد بلوچ، زرينا بلوچ، زرياب خان، ڪونج ڪنراڻي، ثانيا ڪنراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ م مظاهرو ڪيو ويو. ھوڏانھن واھي پانڌي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اميرزادي برھماڻي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن گل حسن برھماڻي، گل بھار رستماڻي، ڪامريڊ شھزاد، ڪامريڊ عروسه، باغي بشير برھماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرواھ گورچاڻي ۾ شوڪت نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مقصود احمد ڀڳڙي، وزير رہٻاري، حسين خاصخيلي، هادي بخش ڀرڳڙي، ڪامريڊ رازو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاھ يوسف شاھ بخاري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. سيکھاٽ ۾ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ ضلعي مٽياري جي صدر فضا ملاح، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن نعيم جان خاصخيلي، جاگير حسين ملاح، دلبر اوڏ،ڪامريڊ افضل سولنگي، غلام نبي سولنگي ء ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اورنگي ٽائون جي بلوچ ڳوٺ ۾ اشفاق چنڙ، شاھنواز ڀنڊ،حسين سنڌي، سلامت گاڏي، پير بخش ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳوآڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ خطاب ڪندي چيو تہ خراب حڪمراني سنڌ جي امن، صحت، تعليم، بلديات، زراعت سميت سمورو نظام تباھ ڪري ڇڏيو آھي. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي نہ ھجڻ باوجود زبردستي ڪئنال ٺاھي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. پنجاب سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. چشمه جھلم، تونسا پنجند ۽ ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، جنھن ذريعي سڄو سال سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر اميرزادي برھماڻي خطاب ڪندي چيو تہ صرف ٻوڏ وارن ڏينھن ۾ ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، ان کانپوءِ درياھ ۾ واري پئي اڏامندي آھي. سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. سنڌو درياھ ڪروڙين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي.ٺٽو، سجاول، بدين جي ساحلي پٽيءَ جا ماڻھو بک، بدحالي، بيروزگاري سميت انتھائي غربت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. شوڪت نوحاڻي خطاب ڪندي چيو تہ جيڪڏھن نوان ڪئنال ٺاھيا ويا تہ سنڌ ۽ ڪروڙين ماڻھو اڃ ۽ بک ۾ مري ويندا. ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌي ماڻھن جي پيرن ھيٺان زمين ڪڍڻ ۽ پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن بنائڻ جو منصوبو آھي. منان شيخ خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران سنڌ ۽ عوام کان لاتعلق آھن. زمينون، درياھ، بندرگاھ، ٻيٽ ۽ ٻيا وسيلا ڏئي پ پ حڪمرانن اقتدار خريد ڪيو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن، منشيات فروشن، قبضا گيرن جي حڪمراني آھي. جيڪو ماڻھو حڪمران طبقي جو ناھي اھو انصاف، امن ۽ بنيادي انساني قانوني حقن کان محروم آھي. جمھوريت جي نالي ۾ مافياز جي حڪمراني قائم آھي. چيو تہ فدا محمداڻي خطاب ڪندي چيو تہ سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن آھي. ڪنھن بہ آفيس ۾ ڪرپشن کانسواءِ ڪم نٿو ٿئي. ميرٽ جي لتاڙ، منشيات، ماڻھن جو اغوا روز جو ڪاروبار بنجي ويو آھي. اڳواڻن چيو تہ سنڌ دشمن 6 ڪئنال رد ڪيا وڃن. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن تي قبضا ۽ ناجائز سوديبازي بند ڪئي وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي ڀڙڀانگ بنايو ويو آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش آھي، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو. اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آھي. بدامني سبب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. نوڪريون وڪامن ٿيون. سنڌ دشمن منصوبا بند ڪيا وڃن. جيستائين ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي ختم نہ ڪيو ويندو تيستائين جدوجهد جاري رھندي. ناصر ڪنراڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، قدرتي دولت سان مالا مال ھجڻ باوجود سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي آھي. سنڌ جا وسيلا لٽڻ بند ڪيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈان نیوز کراچی کے رپورٹر خاور حسین کی لاش سانگھڑ میں گاڑی سے برآمد
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
فرحان لاڙڪ
0 تبصرے