English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ايس ٽي ايل ايف پاران معذورن لاءِ ڪاروباري ترقيءَ بابت تربيت
190 views
|
08th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ورڪشاپ جو مقصد معذور نوجوانن، مردن ۽ عورتن کي ڪاروباري صلاحيتن ۾ اڳڀرو ڪرڻ، سندن اعتماد وڌائڻ هو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)خدمت ۽ سماجي ذميواري جي جذبي سان ڪم ڪندڙ غير سرڪاري اداري سيِو دي لائيوز فائونڊيشن (STLF) پاران ڊپارٽمينٽ ايمپاورمينٽ آف پرسنس وٿ ڊس ايبليٽيز گورنمينٽ آف سنڌ جي سھڪار سان 50 معذور ماڻھن لاءِ هڪ ڏينهن جو ڪيپيسٽي بلڊنگ ورڪشاپ آن بزنس ڊولپمينٽ منظم ڪيو ويو.ورڪشاپ جو مقصد معذور نوجوانن، مردن ۽ عورتن کي ڪاروباري صلاحيتن ۾ اڳڀرو ڪرڻ، سندن اعتماد وڌائڻ ۽ کين روزگار لاءِ نون موقعن سان روشناس ڪرائڻ هو شرڪت ڪندڙن کي ڪاروباري منصوبابندي، مارڪيٽنگ حڪمت عملي، مالي وسيلن تائين رسائي، پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جا طريقا ۽ جدت ذريعي مارڪيٽ ۾ مقابلي لاءِ ضروري مهارتن بابت جامع ڄاڻ ڏني وئي. ان دوران عملي مشقون ۽ گروپ سرگرميون پڻ ڪرايون ويون ته جيئن شرڪت ڪندڙ حقيقي ڪاروباري چيلنجز کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهن ورڪشاپ ۾ ٽرينر امير حمزا جديد ڪاروباري طريقن ۽ ڪامياب مثالن ذريعي شرڪت ڪندڙن کي متاثر ڪيو. هن چيو ته “معذور فرد جيڪڏهن صحيح موقعا ۽ سهڪار حاصل ڪن ته هو ٻين ماڻهن جيترا ئي ڪامياب ٿي سگهن ٿا.”ان موقعي تي ايس ٽي ايل ايف جي سي اي او ڪنھيا موھن لال خطاب ڪندي چيو ته اسان جو عزم آهي ته معذور نوجوانن کي معاشري ۾ باعزت مقام ڏيون ۽ کين اهڙيون مهارتون سيکارينداسين جيڪي کين مالي ۽ سماجي طور خودمختيار بڻائين. اسان لاءِ سڀ فرد برابر آهن ۽ اسان جو مقصد هڪ اهڙو سماج قائم ڪرڻ آهي، جتي ڪنهن به فرد کي سندس جسماني گهٽتائي جي بنياد تي پوئتي نه ڇڏيو وڃي”ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن وڏي خوشي ۽ شڪريي جو اظهار ڪيو ۽ ايس ٽي ايل ايف جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا پروگرام سندن لاءِ زندگيءَ ۾ نوان در کوليندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
سيِو دي لائيوز فائونڊيشن
0 تبصرے