English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي ۾ تازين طوفاني برساتن وڏي تباهي مچائي ڇڏي
222 views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي، گهارو، ساڪرو، ٻوهارا، گهوڙا باڙي، وِر، ڳاڙهو، غلام الله، ڪيٽي بندر، جهِرڪ، سونڊا ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي چوڌاري درجنين علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي ۾ تازين طوفاني برساتن وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي۔ ڪيترن ڏينهن کان جاري برساتن کان پوءِ ضلعي جا شهر ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، زندگي مڪمل طور مفلوج ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔ ٺٽو، مڪلي، گهارو، ساڪرو، ٻوهارا، گهوڙا باڙي، وِر، ڳاڙهو، غلام الله، ڪيٽي بندر، جهِرڪ، سونڊا ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي چوڌاري درجنين علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن۔ روڊ ۽ گھٽيون تلائن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن، گٽرنالا پلٽجي پيا آهن ۽ صفائي جو ڪو به مؤثر بندوبست نظر نٿو اچي۔ واپاري مرڪز ۽ بازارون بند پيل آهن، روزانه اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي خاندانن لاءِ ٻن وقتن جي ماني جو بندوبست به ڏکيو ٿي ويو آهي۔ برسات سبب سوين ڳوٺ شهرن سان زميني رابطي کان ڪٽجي ويا آهن۔ جهُمپير جا رهاڪو ٽن ڏينهن کان لڳاتار وڏن شھرن کان ڪٽيل آهن۔ اسڪولن ۽ اسپتالن تائين رسائي ڏکي بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري شاگردن ۽ مريضن کي شديد تڪليفون پيش اچي رهيون آهن۔ چانور، مرچ ۽ ڀاڄين جا فصل پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ سبب سخت متاثر ٿيا آهن۔ آبادگارن ۽ زميندارن کي وڏو نقصان رسيو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ڍورن جي مرڻ جون به خبرون مليون آھن. ضلعي ڪوھستاني پٽي سميت مختلف علائقن مان ڪچن ۽ پڪن گهرن جي ڊهي پٽ ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن۔ ڳوٺ صديق ملاح ۾ ٻن پورهيتن الھڏنو ۽ لطيف ملاح جا گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا۔ جهِرڪ ڀرسان خدابخش سولنگي جو پڪو گهر به ڊهي پيو۔ درگاهه ستيون لڳ خالو ميربحر ڳوٺ ۾ محمد يونس ميربحر ۽ شفيع محمد ميربحر جا گهر به ڊهي پٽ ٿي ويا۔ متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ امداد جا منتظر آهن، جڏهن ته اڃا تائين وٽن ڪا به حڪومتي مدد نه پهتي آهي۔ ٻئي پاسي ٺٽي جي تاريخي شاھجهان جامع مسجد به برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي۔ ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ مسجد اندر پاڻي داخل ٿيڻ ڪري نمازين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔ مقامي رهواسين ضلعي انتظاميا، پي ڊي ايم اي سنڌ، ريسڪيو 1122 ۽ سماجي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نڪاسيءَ جو بندوبست ڪيو وڃي، ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون وڃن، راشن ۽ صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ بي گهر ماڻهن لاءِ عارضي رهائش جو انتظام ڪيو وڃي۔ ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته جاني ۽ مالي نقصان ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ علائقي کي صحت جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ جي تاريخي ضلعي
ٺٽي ۾ تازين طوفاني برساتن
ٺٽو
0 تبصرے