English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي ڪونڪر ندي ۾ هڪ ئي گهر جي 4 ڀاتين سميت 8 ڄڻا ٻڏي ويا، 2 لاش هٿ، 6 جي ڳولا جاري
79 views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ندي ۾ ٻڏي ويلن ۾ گلاب ڀيل، سندس گهر واري، ڪيلاش ڀيل، نارو ڀيل، اقبال لاسي، فرحان ترين، جاويد ۽ افضل جوکيو شامل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ برساتن سبب ندين جي وهي اچڻ سان ۽ اٿلڻ انساني جانين سميت تمام وڏو نقصان ٿيو آهي برسات جي مسلسل وساري سبب ڪونڪر ندي ۾ انتهائي ڏکوئيدڙ حادثو پيش آيو جتي هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي، زال، مڙس، پٽ ۽ پوٽي سميت ڪل 8 ڄڻا ٻڏي ويا. حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي ٻڏڻدڙن ۾ گلاب ڀيل، سندس گهر واري، ڪيلاش ڀيل، نارو ڀيل، اقبال لاسي، فرحان ترين، جاويد ۽ افضل جوکيو شامل آهن. مقامي ماڻهن جي مدد سان تاحال جاويد ۽ گلاب ڀيل جي گهر واري جا لاش هٿ آيا آهن، جڏهن ته باقي 6 ڄڻن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي اتي موجود ماڻهن موجب حادثي وقت انتظاميا نه ڪو بروقت اطلاع ڏنو ۽ نه ئي ڪو فوري ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو جنهن سبب قيمتي انساني زندگيون ضايع ٿي ويون. ڳوٺاڻن ۽ متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت سر ريسڪيو ٽيم پهچي وڃي ها ته ڪيترن ئي جاني نقصانن کان بچي سگهجي پيو.وارثن دانهون ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي غفلت سبب هنن پنهنجا پيارا وڃايا آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي باقي لاشن جي ڳولا لاءِ وڏو آپريشن شروع ڪيو وڃي، متاثر خاندانن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هن حادثي سان سڄي علائقي ۾ سوڳ ۽ ڏک جو ماحول ڇانيل آهي، جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته برساتن دوران حفاظتي اپاءُ نه وٺڻ ۽ بروقت اطلاع نه ڏيڻ ئي انساني الميي جو اصل سبب بڻيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ حاجي ميان محمد حسن شاهه جي سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪٽيو ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي باءِ پاس تي حادثي ۾ واٽهڙو فوت ٿي ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن آڻڻ لاءِ سهڪار ڪيو ويندو: صنم عباس ٽالپر
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
دادو پوليس پاران صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جي ڪونڪر ندي
ٻڏي ويا
0 تبصرے