English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي ايس ايس پي عمرڪوٽ تي الزامن بعد پوليس جون ڪارروائيون تيز
306 views
|
14th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پي پي پي رڪن سنڌ اسيمبلي نواب تيمور ٽالپور ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ جي وچ ۾ جاري ٿڌي جنگ کان پوءِ پوليس جي تيزي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير احمد جي هدايتن تي ضلعي ڀر ۾ منشيات ۽ مضر صحت شين خلاف ڪریک ڊائون شروع. ان سلسلي ۾ پوليس اڄ مختلف ڪارروائين دوران منشيات ۽ گٽڪو هٿ ڪندي ٽي جوابدار گرفتار ڪيا. منشيات ۽ مضر صحت گٽڪو مين پوري هٿ.تفصيل موجب گذريل ڏينهن پي پي پي رڪن اسيمبلي نواب تيمور ٽالپور طرفان ايس ايس پي عمرڪوٽ تي لڳايل الزامن کان پوءِ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمن طرفان اسپيشل برانچ کان رپورٽ طلب ڪرڻ کان پوءِ ايس ايس پي عمرڪوٽ تيزي ڏيکاري ڪنري ۾ منشيات فروشن ۽ گٽڪا مافيا خلاف گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو. ڪنري پوليس بلوچ محلي ۽ شهر جي ڪيبنن تي ڇاپا هنيا. پوليس ڪارروائي دوران اڪبر عرف عقيل بلوچ کي گرفتار ڪيو، جنهن جي قبضي مان 13 گرام آئس هٿ آئي. مقدمو داخل.ٻي ڪارروائي دوران رُستم چانڊيو کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي قبضي مان 95 سفينا پوري (مضر صحت گٽڪو/پُڙي) هٿ آئي. مقدمو داخل. ٽئين ڪارروائي دوران ڪنري پوليس عمر شاهه مارواڙي کي گرفتار ڪيو، جنهن جي قبضي مان 5 پيڪٽ سفينا هٿ آيا. مقدمو داخل.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عزير احمد ميمن جو چوڻ هو ته ضلع پوليس عمرڪوٽ جي منشيات فروشن ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف ڪارروائيون بنا امتياز جاري رهنديون. جڏهنته پوليس طرفان اڃا تائين وڏن منشيات فروشن ۽ گٽڪو ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي سواليا نشان بڻيل آهي. شهري مطالبو ڪن ٿا ته وڏن مگرمڇن خلاف به قدم کنيا وڃن، جيئن نوجوان نسل کي منشيات ۽ زهريلي گٽڪي کان محفوظ رکجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪارروائي دوران آئيس،
0 تبصرے