English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ به پيپلزپارٽي جي 58هين يومِ تاسيس تي شاندار جلسو، جيالن جو وڏو ميڙ
148 views
|
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
جلسي ۾ ڊاڪٽر نور علي شاه، نواب تيمور ٽالپر، حاجي محمد بقا پلي، صوفي نواز، ميان خالد ولهاري ۽ ٻيا به شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي عمرڪوٽ پاران پارٽي جي 58هين يومِ تاسيس جي موقعي تي برهان الدين ڪنڀر هائوس عمرڪوٽ ۾ شاندار جلسو ڪوٺايو ويو، جتي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي لائيو خطاب ڏسڻ لاءِ وڏي اسڪرين لڳائي وئي، جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پارٽي سان پنهنجي ساڃاهه، محبت ۽ وابستگي جو شاندار اظهار ڪيو، تقريب جي پڄاڻي تي يومِ تاسيس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، جلسي ۾ ضلعي صدر ڊاڪٽر نور علي شاه ،پ پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ضلعي چئيرمين حاجي محمد بقا پلي، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز، ضلعي ڪائونسل جي وائيس چئيرمين ميان خالد ولهاري، چيئرمين ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ حاجي خالد سراج سومرو، سينيئر نائب صدر برهان ڪنڀر، پيپلزپارٽي انفارميشن سيڪريٽري گھنشام بجير،ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال ميگهواڙ. شڪيل باجوہ، چاڪر مري، عبداللہ کوسو، ڪانجي مل ميگھواڙ، منٺار آريسر سميت ضلعي عهديدارن، ضلعي ڪائونسل ميمبرن، يوسي چئيرمينن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ پوري ملڪ ۾ پيپلزپارٽي جي 58هين يومِ تاسيس جي موقعي تي لکين ماڻهون گڏ ٿي پارٽي سان پنهنجو عشق ۽ وابستگي جو ثبوت ڏئي رهيا آهن، پيپلزپارٽي هڪ خالص عوامي ۽ جمهوري پارٽي آهي، جنهن جون پاڙون هن ملڪ جي ماڻهن جي دلين ۾ کوٽل آهن، ڪابه طاقت، لالچ يا دٻاءُ جيالن کي پارٽي کان ڌار نٿي ڪري سگهي، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته 58 سال اڳ قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو، ۽ شهيدن پنهنجي رت سان پارٽي کي زنده رکيو، پيپلزپارٽي اڄ به عوام جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿي ۽ هميشه رهندي، هن پارٽي جو سفر هڪ اهڙو درياهه آهي جيڪو سدائين وهندو رهندو، ڪنهن جي اچڻ يا وڃڻ سان هن جي لهرن ۾ ڪابه گهٽتائي نٿي اچي، اڳواڻن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظر ڀٽو جو نظريو ۽ مشن اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري اڳتي وڌائي رهيا آهن، ملڪ کي بحران مان آصف علي زرداري ڪڍيو، ۽ پيپلزپارٽي اڄ به عوام جي اميدن ۽ اعتماد جو مرڪز بڻيل آهي، جلسو جوش، جذبي ۽ نعريبازي سان پڄاڻيءَ تي پهتو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
بلاول ڀٽو زرداري
عمرڪوٽ
0 تبصرے