English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي ليڊيز ونگ جو امينا احسان ڀٽي جي صدارت ۾ اجلاس
253 views
|
05th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شھيدِ بينظير ڀٽو جي ورسي تي تاريخي شرڪت کي يقيني بڻايو ويندو: اجلاس ۾ فيصلو
ٺٽو (ڊ ر)شھيدِ جمھوریت محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر واري ورسي جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر رخسانه شاهه جي هدايت تي تعلقي ٺٽي جي ليڊيز ونگ جو اهم اجلاس ڀٽي هائوس ٺٽو ۾ منعقد ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت تعلقي صدر امينه احسان ڀٽي ڪئي، جنهن ۾ تعلقه جي سمورين يوسين جي عورت صدرن، ليڊي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شھيدِ جمھوریت محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تي هن سال اهڙي تاريخي شرڪت کي يقيني بڻايو ويندو، جيڪا سالن تائين ياد رکي ويندي.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي تعلقي صدر امينه احسان ڀٽي چيو ته.بينظير ڀٽو رڳو هڪ سياسي اڳواڻ نه هئي، هوءَ عورتن جو آواز ھئي ، ڪروڙين عوام جون اميدون ھن سان وابسته ھيون ۽ ھوءَ جمهوريت جو استعارو هئي.هن وڌيڪ چيو ته ، ٺٽي تعلقي جون هزارين جيالیون ۽ پيپلزپارٽي سان محبت رکندڙ عورتون ڳڙهي خدا بخش پهچي شھيدِ جمھوریت کي خراج عقيدت پيش ڪنديون. اهو ڏينهن اسانجي جذبي، پارٽي سان وابستگي ۽ جمھوري جدوجهد جي تجديد جو ڏينهن آهي.امينه احسان ڀٽي چيو ته،بينظير ڀٽو جي قرباني پاڪستان ۾ جمھوري سوچ کي نئين طاقت ۽ نئون حوصلو ڏنو. اڄ به سندس فڪر ۽ سندس ڏنل رستو اسان لاءِ مشعلِ راهه آهي ۽ ٺٽي جي هر جيالي پاڻ کي هن ورثي جو آمين سمجھي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي ليڊيز ونگ
شھيدِ بينظير ڀٽو جي ورسي
0 تبصرے